20 منگل , نومبر 2018

سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انسپيڪٽر جنرل سنڌ اي ڊي خواجا جي تبديلي جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو، سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو. تفصيل موجب سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو. خط سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ ڊويزن اسلام آباد کي لکيو ويو آهي. ذريعن موجب نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ لکيل خط ۾ 3 نالا تجويز ڪيا ويا. تجويز ڪيل نالن ۾ سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڪليم امام شامل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق تجويز ڪيل ناهن مان ڪنهن هڪ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪري. خط ۾ آءِ جي سنڌ جي تبديلي لاءِ صوبائي ڪابينا جي فيصلي جو به حوالو ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے