20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. 23 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ کيس عدالتي جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.  عدالت شرجيل ميمڻ جي وڪيل ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته گرفتار ماڻهو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا. عدالت نيب کي هڪ هفتي ۾ جواب به داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے