18 منگل , دسمبر 2018

نيوز: ڪراچي نوگو ايريا ناهي،زمين عوام جي آهي، ڦرڻ نه ڏيندس:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير  سيد  مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي نوگو ايريا ناهي، ماڻهو توهان کي ڪم ڪرڻ نه ڏئي رهيا آهن، اهو ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿيو پر مان بيوس نه آهيان، مان پاڻ نڪري قبضا ختم ڪرائيندس، اها زمين ڪراچي جي عوام جي آهي، اها ڦرڻ نه ڏيندس.

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ زميني معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

 وڏي وزير کي بريفنگ دوران آگاهه ڪيو ويو ته سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ گاربيج جي منتقلي ۽ لينڊ فل سائيٽ لاءِ زمين جا مسئلا  آهن.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري بريفنگ دوران ٻڌايو ته جي ٽي ايس لاءِ ڪي ڊي اي سيڪٽر 52 ڪورنگي ۾ گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن لاءِ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي زمين الاٽ ڪئي آهي جڏهن ته پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته اها زمين سندن ملڪيت آهي.

ڄام خان شوري ٻڌايو ته ضلعي ملير جي ديهه گنگيارو تي 40 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي ڪجهه بااثر ماڻهن جو قبضو آهي، ميوه شاهه ۽ ڌوٻي گهاٽ تي به سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي زمين تي قبضو آهي.

 وڏي وزير مراد علي شاهه  چيف سيڪريٽري کي زمين جو رڪارڊ ۽ ان جي ملڪيت واضح ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي، ڪي ڊي اي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا ڇڏايل زمين جو رڪارڊ تيار ڪري تصديق کانپوءِ محفوظ ڪندي ۽ تجويزون ڏيندي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران فهميدا رياض جي ياد تقريب ڪوٺائي وئي

ناليواري شاعره ۽ ليکڪا فهميدا رياض جي ياد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تقريب ڪوٺائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے