18 جمعرات , اکتوبر 2018

رپورٽ:مومل جي ماڙي: سال 2018 کي اديبن، شاعرن تعليمدانن ۽ سماجي اڳواڻ امن، محبت ۽ پيار جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو

سال 2018 کي اديبن، شاعرن، تعليمدانن توڙي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ  امن، محبت ۽ پيار جي سال سميت سنڌ ۾ تعليم جي اوسر جي سال طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي…….،

پيش آهي يونس ڀٽو جي هيءَ رپورٽ…………،

سال 2017ع پنهنجي دامن ۾ ڪيئي ڏک. سک، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون سهيڙي روانو ٿي چڪو آهي، ۽ سال 2018ع وري ايندڙ وقت لاءِ ڪيئي ڪاميابين ۽ اميدن کي پنهنجي دامن ۾ سهيڙي اچي چڪو آهي……….،

هوڏانهن نوجوان سنگت پاران سال 2018 جي خوشي والي بال ٽورنامنٽ پڻ ڪرائي وئي……..،

نئين سال جي موقعي تي گهوٽڪي تعليم کاتي جي ٽي او سيد مظفر شاھ، ٻالڪ ادبي فورم جي جنرل سيڪريٽري عبدالحئي ڀٽو، سيد جمال شاھ، نوجوان سنگت جي اڳواڻ ثناءَ الله ڪلادي،  حميد ڪلادي،  اسد مير چاچڙ،  ساجد نواز ڌاريجو،  جميل احمد مهر،  پ ٽ الف سعيد چاچڙ، ارشد لکڻ ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2017 جي ڀيٽ ۾ سال 2018 بهتر ثابت ٿيندو…………….،

نئين سال جي موقعي تي گهوٽڪيءَ جي اديبن، شاعر، ساڃاهه وندن انهيءَ وچن جو اظهار ڪيو ته هو 2018ع سال کي امن، محبت،  پيار،  پريت ۽ تعليم جي سال طور ملهائيندا ۽ تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا،

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام چار وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

سينيٽ ڪيمٽي: پي ٽي اي  کي 20 آڪٽوبر کانپوءِ موبائل فون بلاڪ نه ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے