11 منگل , دسمبر 2018

تهذيب جي دائري ۾ رهي آمريڪا سان کليل ڳالهه ٻولهه ڪبي: خرم دستگير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته ٽرمپ جي تازي بيان کانپوءِ پاڪستان ناڪاري بيان بازي بدران تهذيب جي دائري ۾ رهي کليل ڳالهه ٻولهه ڪندو. آمريڪي صدر جي پاڪستان مخالف بيان کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت بعد خرم دستگير پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اجلاس ۾ اها ڳالهه طئي ٿي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ پاڪستان گڏيل سهڪار سان افغانستان ۾ امن لاءِ جدوجهد ڪندي دهشتگردي خلاف وڙهندا ته وڌيڪ بهتر ڪاميابيون حاصل ٿينديون. سندس چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ جيڪڏهن ڊالرن جي ٻولي سمجهندو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا کي نه رڳو سهولتون فراهم ڪيون پر ان عيوض ڪو معاوضو به نه ورتو، ڇو ته اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيدا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے