13 جمعرات , دسمبر 2018

نيون عالمي مخالفتون، نوان چئلينج ۽ نوان موقعا

پاڪستان تي آميريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آيل بيان کان پوءِ ملڪ جي سرڪار، ملڪ جون محافظ فوجون، ملڪ جي سياسي مخالف ڌر هڪ پيج تي اچي ويون آهن. ان سلسلي ۾ ملڪي معاملن جي باري ۾ قومي سلامتي توڙي ملڪ جي فوجي اداري پاران صورتحال جو نفاست سان جائزو ورتو پيو وڃي. ٻئي طرف آمريڪي صدر جي بيان تي پاڪستان سخت احتجاج ڪندي آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪندي صدر ٽرمپ جي بيان جي وضاحت طلب ڪئي.

پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ افغانستان ۾ ناڪامي تي مايوس آهي. هن 33 ارب ڊالرن ۾ اها رقم به شامل ڪئي جيڪا افغانستان ۾ جنگ ۾ مدد طور ڏني وئي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان آمريڪا کي اڳ ۾ ئي ”نو مور“ چئي چڪا آهيون، ٽرمپ جي نو مور جي ڪا به اهميت نه آهي. آمريڪا جي ڏنل رقم جي پائي پائي جو سرعام حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي تي صدر ٽرمپ مايوس آهي. آمريڪا فوجي طاقت بدران طالبان سان ڳالهيون ڪري. هن چيو ته ٽرمپ پاڪستان کي مليل رقم ۾ افغانستان ۾ ٿيل اسان جي خرچ ۽ اتحادي سپورٽ فنڊ جي رقم به شامل ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ناڪامي کي ورجايو پيو وڃي. فوجي طاقت سان افغان مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته ڊرون حملا ٿيا ته اسان پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن جو تحفظ پيا ڪريون ڪنهن ٻئي جو نه.

پاڪستان جي مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پ پ ۽ تحريڪ انصاف آمريڪي صدر جا الزا رد ڪندي نومور جو جواب ڏنو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر ٽرمپ جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي چيو ته اسان هڪ شيءَ تي اتفاق رکون ٿا ته هاڻ ” نو مور“.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ هو ته دنيا جي سڀ کان وڏي طاقتور فوج وٽ افغانستان ۾ 16 سالن جي طويل جنگ ۾ ناڪامي کان سواءِ ڏيکارڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو ۽ ايستائين جو اتان عزت سان وڃي به نه سگهيا ۽ جيڪڏهن پاڪستان سان ڀيٽ ڪجي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ انتهائي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. اسد عمر جو چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جو الزام پاڪستان تي مڙهڻ بند ڪري. سندس چوڻ هو ته جيستائين ڊالرن جو تعلق آهي، پاڪستان بيوقوف هو جنهن جي معيشت کي بي پناهه نقصان پهتو ۽ آمريڪا کي هن وقت تائين پنهنجي نالي ماتر امداد جو ڍنڍورو پٽڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هوڏانهن پ پ اڳواڻ شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ تائين نيٽو سپلاءِ لائن تي ٽريفڪ چارج وصول ناهن ڪيا ويندا، ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا پنهنجي امداد پاڻ وٽ رکي. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي ناڪامين جو ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو توهان وضاحت سان ڳالهه ڪيو ته اهو توهان جو جواب آهي. اسان 2011ع کان انهن پناهه گيرن جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پرڏيهي پاليسي کي 4 سال ايئن ئي ڇڏيو ويو، ميدان بلڪل خالي ڇڏيو ويو هو ڪنهن کي به نٿو سونهي ته اڄ جي دور ۾ ڊپلوميسي ۾ اهڙو رويو رکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان 4 سالن تائين آمريڪا ۾ ڪا به لابسٽ مقرر ناهي ڪئي نه وري پرڏيهي وزير رکيو، معافي وارو رويو رکڻ جي ضرورت ناهي دوست ملڪن جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن ۽ هو ڏسي رهيا آهن، اهڙن بيانن کان پوءِ گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر ذريعي آگاهه ڪيو. ترجمان موجب پاڪ فوج جي سربراهه جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪي اندرين صورتحال سميت تيزي سان تبديل ٿيندر صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ترجمان موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي دوران نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان کانپوءِ چين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. آئوٽ لڪ انڊيا جي هڪ رپورٽ موجب چين جو چوڻ آهي ته عالمي برادريءَکي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي غير معمولي خدمتن کي قبول ڪرڻ گهرجي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوانگ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻيون قربانيون ڏئي چڪو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جون خدمتون غير معمولي آهن، عالمي برادري کي اهي قبول ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته چين کي خوشي آهي ته پاڪستاني علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي سميت عالمي سهڪار ۾ مصروف آهي. سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سمورن موسمن جا دوست آهن ۽ اسان ٻنهي ڌرين جي فائدي لاءِ هر قسم جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهيون.

پاڪستان کي ڪنهن به حوالي سان جذباتي ٿيڻ بدران سموري صورتحال جو جائزو ۽ گڏيل صلاح مصلحت ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪري ان چئلينج سان منهن ڏيڻ جون نيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون جنهن ۾ 70 ورهين کان آميريڪا جهڙو اتحادي حامي نه پر مخالف صفن ۾ موجود هوندو. اها ڳالهه به نئين آهي ۽ چئلينج به نئون آهي.

اربع 3 جنوري 2018ع، 15 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے