23 منگل , اکتوبر 2018

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول

طارق عزيز شيخ

سنڌي شاعري ۽ تاريخ جي حوالي سان نياز همايوني جو نالو سدائين زندهه رهندو. هو هڪ ئي وقت سٺو شاعر ۽ بهترين مترجم هو، سندس اصل نالو مشتاق احمد نياز الدين هو پر ادبي دنيا ۾ ادبي نالي نياز همايوني جي نالي سان پير پاتائين. ذات جو ميمڻ هو ۽ شڪارپور جي ڳوٺ همايون جو رهندڙ هو. پهرين اپريل 1930ع تي پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، تعليم پرائڻ دوران ئي هن حڪمت کي به علمي توڙي عملي طور شروع ڪري ڇڏيو. نياز همايوني پاڪستان جي حاصلات واري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو ۽ ورهاڱي تائين هڪ متحرڪ ڪارڪن جيان ڪردار نڀايائين.

نياز همايوني شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جي ڪلام جو مجموعو”ڌرتيءَ جا گيت“ ڏاڍو مقبول ٿيو، جنهن ۾ قومي جاڳرتا جو پيغام چٽيو ٿيل آهي. هن غزل ۽ گيت ٻين صنفن کان وڌيڪ سهڻائي سان لکيا آهن، بلڪه ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته کيس انهن تي مهارت حاصل هئي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع نمايان رهيا تن ۾ جدوجهد، قومي سجاڳي، غريب جو حق لاءِ جهيڙڻ، ڏک، زندگي جي اهميت ۽ روشن خيالي شامل آهن. هو قلمڪارن واري تحريڪ ۾ به اڳڀرو رهيو، جمعيت الشعرا واري سلسلي ۾ جهڙي طرح جڙيل رهيو ادبي سنگت ۾ به اوترو ئي اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن سماج کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي چٽو پڌريو ڪيو، پورهيت کان وٺي معاشري جي هر روپ کي نروار ڪيو.

فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هجڻ ڪري نياز همايوني ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۽ ”تاريخ طاهري“ جهڙا سنڌ جي تاريخ جا اهم ڪتاب ترجمو ڪيا. سنڌي ادب ۾ هنن ڪتابن جي تمام گهڻي اهميت آهي. هنن ڪتابن جي ترجمي ٿيڻ بعد ڪيئي تاريخي حقيقتون معلوم ٿيون جيڪي سنڌين کي اڳي معلوم ڪونه هيون، هن کي اردو ٻوليءَ تي سٺو عبور حاصل هو. اهو ئي سبب آهي جو هو 1965ع ۾ اردو مرڪزي بورڊ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر بڻيو. نياز همايوني خواجا محمد زمان لنواري واري جي شاعري به فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. ان کان علاوه ”فرهيگ جعفري“ نالي طب بابت هڪڙو ڪتاب فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.

نياز همايوني جو گيت چوڻ جو انداز نهايت خوبصورت هو، هن جي گيت ۽ رڌم، ترنم ۽ سر جو ميلاپ نظر اچي ٿو. سندس گيت ڄڻ موسيقيت ۾ چيل ٿو لڳي، جيئن سندس مشهور گيت آهي:

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول

مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا

تنهنجي دنيا ڪنول تي ڪرڻا

منهنجي دنيا جر جان اونداهيل

مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا

تنهنجي دنيا انڊلٺ ريکا

منهنجي دنيا گدلا بادل

مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا.

هن گيت جي ٻول تي سنڌ جي نامياري ناول نگار سراج پنهنجي هڪ تاريخي ناول جو ٽائيٽل ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ به ڏنو. اها شاعر جي فن جي ڪاميابي آهي، نياز همايوني فڪري سوچ جو هڪ تسلسل آهي، هو سنڌ جي تاريخ کان ڀلي ڀت واقف هو نه صرف سنڌ ۾ لکيل پر سنڌ کان ٻاهر لکيل سنڌ بابت تاريخ به پڙهيل هو. سندس وسيع مطالعي سبب هن کي اها عڪاسي ڪرڻي هئي، جنهن سان سنڌ جي عظمت بلند ٿئي. ترقي پسند ليکڪن جي تحريڪ يا قلمي جدوجهد جو حصو ٿي سگهن ٿا پر معاشرتي ۽ سماجي صورتحال ۾ سنڌ سان ۽ سنڌين سان جيڪي جٺيون ۽ زيادتيون وقت گذرڻ سان ٿينديون رهيون اهو سڀ ڪجهه نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ جهلڪي ٿو:

ائين خدائي ظلم جي آئي،

دوزخ دنيا بڻجي وئي،

عشق يتيم ته سونهن بيواهه

لاش تمنا بڻجي وئي.

نياز همايونيءَ جي زندگيءَ ۾ ته سڪون هو پر سندس سوچ ۾ وڏي هلچل، بي چيني ۽ حرڪت هئي. هن کي حق جي ڳالهه چوڻ جي تڙپ رهندي هئي. سنڌ سان محبت نياز جي ساهه ۾ سمايل هئي. هن جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”ساڻيهه جي ساک“ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس هر ڪلام ڄڻ ڪو اعلان هجي، نعرو هجي يا حق جو آواز هجي. هو حق گوئي جو شاعر هو. سندس دور پورهيت ۽ مزدور جي جدوجهد وارو دور هو، انهيءَ ڪري هو وڏيري، زميندار ۽ جاگيردار کي مخاطب آهي، هو سوال ڪري ٿو ته:

غريب لاءِ غريبي ۽ تنگ دستي ڇو؟

امير لاءِ اميري ۽ خودپرستي ڇو؟

هو ون يونٽ خلاف به علمي ۽ عملي طور اڳڀرو هو، سندس شاعريءَ ۾ ان جو عڪس چٽو پٽو نظر اچي ٿو. هو جمهوريت تي قبضو ڪندڙن ۽ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪرڻ وارن کي للڪاري ٿو ، قوم کي جاڳائي ٿو، ظلم خلاف اٿي ٿو، اڳتي وڌي ٿو، وڙهي ٿو، جنگ ۽ جدل لاءِ به چوي ٿو:

اٿو اٿو جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري

هي ظلم ۽ جبر ٿو روحن کي تنگ ڪري.

نياز همايوني پنهنجي همعصر شاعرن شمشير الحيدري، تنوير عباسي، ابن حيات پنهور، شيخ اياز، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ استاد بخاري جهڙن شاعرن سان هم آواز ٿي پنهنجي ڌرتي لاءِ بقا جي ويڙهه ڪئي.

جتي ظالم ۽ ڏاڍي حڪمران سان موقعي پرست قلمڪار به رنگ بدلائي ڇڏيندا آهن اتي نياز همايوني جهڙا شاعر سندس اکين ۾ مرچ ڀريندا آهن ۽ اکيون اکين ۾ وجهي چوندا آهن:

هل ته ٿيون دنگل ڌڻي، دنيا سان پنهنجي جنگ آهه،

جا وسيع آهه، ٿورڙن لئه ۽ گهڻن تي تنگ آهه،

هن جي شاعريءَ جو دور جذباتي هو، انهي دور ۾ سنڌ جا تخليقڪار پوءِ ڀلي هو مصوري، شاعري، ڪهاڻي يا تقرير ۾ نمائندگي ڪندا هجن، سنڌ لاءِ، پنهنجي ڌرتي لاءِ هڪڙو ئي فڪر رکندا هئا. هڪ ئي مقصد تي سڀ هڪ هئا. اڄ ائين ناهي، افسوس سان ٿو چوڻو پئي ته اڄ هر شعبي سان واسطو رکندڙ سنڌي ڪنهن هڪ ڳالهه تي به هڪ ناهن. نياز همايوني جي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، مقصود گل، ابن حيات پنهور، شمشير الحيدري، انور پيرزادو، تنوير عباسي، سراج، طارق اشرف، شيخ عزيز، ڄام ساقي، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي هڪ سوچ، هڪ مقصد سان قدم ۾ قدم ملائي اڳتي وڌندا هئا.

نياز همايوني ڊگها شعر/نظم به چيا آهن، هن جي اهڙي شاعريءَ ۾ تسلسل به قائم آهي ۽ فني انداز به، هو جتي سنڌ پرست شاعر آهي اتي امن جو پيغام ڏيندڙ به، هيروشيما تي آمريڪي بمباريءَ کي نندي ٿو، دهشت گردي جي مذمت ڪري ٿو. هن جيڪو لاڙو وڌو اهو سندس پويان ايندڙ شاعرن قبوليو ۽ کيس اڳتي وڌايو. نياز همايوني ٽرينڊ سينٽر شاعر هو. سنڌ جي تاريخ، سياست، ادب، سماج ۽ ماحول کان ڀلي ڀت واقف هو. هن ”سنڌي شاعري قديم ۽ جديد“ ۽ ”ديوان مفتون“ به مرتب ڪيا.

نياز همايوني 3 جنوري 2003 ع تي دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد ۾ 74 ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو. هي سنڌ جو شاندار شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ هميشه حيات رهندو. سندس پيل گيت آ سان جا قومي گيت بڻجي ويا. روشن خيال، ترقي پسند ۽ شاعريءَ ۾ جدت پيدا ڪندڙ نياز همايوني جي سوچ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪندڙ چئي سگهجي ٿي. هن ڏاڍي کي ڏاڍو چيو ۽ ظالم کي ظالم پورهيت ۽ غريب جي احساسن کي شاعريءَ جي زبان سان عام ڪيو. انهن جذبن کي نمايان ڪيو جيڪي منظر عام تي آڻڻ لاءِ هو ستم برداشت ڪندا آهن. نياز همايوني هيٺئين طبقي جو نمائندو شاعر هو. هن جي ڪنٽريبيوشن سنڌي ادب کي سگهارو ڪيو. نياز همايونيءَ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ کي ان جو ڪو مٽ نه مليو آهي، ڪو ثاني نه مليو آهي، سندس خال اڃا تائين نه ڀرجي سگهيو آهي. نياز همايوني لازوال ڪلام چئي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وعدن جي برکا ۽ وڌندڙ مايوسيون!

شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان ۾ سسپينس جو سمنڊ وهائڻ ۽ انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے