18 منگل , دسمبر 2018

ڇا تيونس ايڪسپريس اچي رهي آهي؟

نذير  سومرو

ڇا 2018 دنيا کي جنجهوڙيندڙ سال هوندو؟ ڇا تيونس ايڪسپريس رواني ٿي چڪي آهي ۽ اها هر ملڪ مان ٿيندي اسان جي ملڪ ۾ به ايندي؟

سترنهن ڊسمبر ٻه هزار ڏهه تي هڪ ٽرين تيونس مان نڪتي، جيڪا مصر آئي، لبيا آئي ۽ پوءِ شام پهتي پر شام پهچندي پهچندي دنيا کي خبر پئجي ويئي ته اها ٽرين گهڻو اڳتي وڃڻي آهي تنهنڪري ان کي اتي روڪيو وڃي. روس ان مزاحمت ۾ اڳتي ٿيو جنهن ڪري شام ۾ ٽرين مان لاٿل داعش کي شڪست ملي.

تيونس مان اتان جي صدر کان اٺاويهه ڏينهن ۾ اسٽيفا وٺي، ان کي گهر موڪلي اها ٽرين مصر پهتي جتي جي صدر (اتان جي نظام مطابق صدر، پر اصل ۾ هڪ شهنشاه…… مصر جي قانون ۾ کاٽ هڻي ايترا سوراخ ڪيل آهن جنهن موجب ساڳيو ئي صدر مرڻ گهڙيءَ تائين صدر رهندو آيو آهي. انهن سوراخن مان ٻيو ڪو اندر داخل ٿي سگهي ئي نه ٿو… يعني مصرين جي جان آزاد صرف ۽ صرف حضرت عزرائيل ئي ڪرائي سگهي ٿو. هونئن ته حضرت عزرائيل جو ساڳيو رول ڪيترن ملڪن سان گڏ اسان وٽ به آهي) صدر حسني مبارڪ کان به استعيفا ورتي ويئي تسيتائين ٽرين لبيا پهتي ۽ ڪرنل قذافيءَ کان ڪرسي خالي ڪرائي ويئي. انهن سڀني صدرن کان حساب ڪتاب ورتا ويا. ڪجهه دنيا مان هليا ويا ڪجهه وڃڻ جهڙا ٿي چڪا آهن….يعني نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀوء.

ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ اها ٽرين وري رواني ٿي آهي ۽ اچي ايران ۾ منزل ڪئي اٿائين. ايران جيڪو 1980 جي مذهبي انقلاب کان پوءِ مذهبي آمريت جو روپ وٺي چڪو هو، اتي جي مردن، خاص ڪري عورتن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي آهي هيل تائين اطلاع آهن ته ٻاويهه ماڻهو پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي چڪا آهن. اڳتي هلي اهو تعداد ايترو وڌندو جو حڪمران ان جو حساب ڏيئي ڪونه سگهندا.

ايران سونهن سوڀيا جو ملڪ آهي، ايران گلن جو ملڪ آهي، ايران شاعرن جو ملڪ آهي. حسن جو ملڪ آهي حسن پرستن جو ملڪ آهي. دنيا ۾ پهريون سڌريل شهنشاهتون قائم ڪرڻ وارن ۾ ايران سرفهرست رهيو آهي. ايراني دنيا جي سڌريل قوم آهن.

فردوسي جي تڦو بر تو چرخه گردان تڦو وارو ايران، حافظ جي شراب ۽ محبوب وارو ايران، سعديء َ جي نصيحتن وارو ايران، عمر خيام جي رباعين وارو ايران اڄ وري پاسو بدلائي رهيو آهي. گگوش خانم جي آواز کان پري ڪيل ايران وري اهي ساڳيا آلاپ ٻڌڻ لاء بيتاب آهي. خبرون آهن ته ڪجهه عورتن اسڪارف لاهي ڦٽا ڪيا آهن.

تبديليءَ جي قانون موجب اهو ڪم ڪجهه وقت اڳ ئي ٿيڻو هو. ايراني انقلاب جيڪو پنهنجي ايڪسپائري ڊيٽ گذاري چڪو هو اهو هڪ ڏينهن ڪنهن ريل تي چڙهي روانو ٿيڻو هو. مان جڏهن ايران ويو هوس ته مون ماڻهن جي اندر ۾ دٻيل چيخون ٻڌيون هيون ته هاڻي بس ڪريو، گهڻو ٿيو….

اها ريل سعودي عرب به وڃڻي آهي، جتي ريل جي پهچڻ کان اڳ سينيما جهڙي ”مردود شيء“ به معاشري کي موٽائي ڏني ويئي آهي. عورتن جي گاڏي ڊرائيو ڪرڻ جهڙو ڪفر به اکين تي رکيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪجهه ٻيو به پائيپ لائين ۾ آهي پر…… جڏهن تبديلي ايندي آهي ته اڪ کيت نهين اڪ ديس نهين هم ساري دنيا مانگي گي وارو نعرو ساڻ کڻي گهران نڪرندي آهي….توڙي جو سعودي شهنشاه ”جي حضوريء“ ۾ ايم اي پاس آهن اهي هٿ ٻڌي تبديلي کي ڪنهن ٻئي وقت اچڻ جو چئي موٽائي رهندا آيا آهن پر ڪيسيتائين……؟

اها ريل اسان وٽ به هڪ ڏينهن ضرور اچڻي آهي، انقلاب سان ”تون هل ته مان اچان ٿو“ جا ڪيترا ڪوڙ ڳالهائي ان کي روڪيو ويندو. اهو هڪ ڏينهن اچي پنهنجي بقايا وصوليءَ لاءِ ويهي رهندو، هم ساري دنيا مانگي گي وارا چريا هوندا آهن جيڪي ڪنهن جي ڳالهه ڪونه ٻڌندا آهن. حڪمرانن جا ڪنڌ غرور مان اڪڙيل آهن پر کين خبر ڪونهي ته وقت جي تيز ڌارا وڏن وڏن جا وڻ وڄايا آهن. هن وقت تمام وڏين ديڳين ۾ کچڙيون پچي رهيون آهن. شريف ڀائر سعودي ۾ آهن جتي ڊيل ڇڏ ته ڇڏيان کان اڳتي وڌي ضد واري صورت وٺي چڪي آهي ۽ ضد دنيا ۾ آيل وڏين تباهين جي جڙ رهي آهي.

آمريڪي آقا پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي چڪو آهي، طعنا ڏنا پيا وڃن، هيترا ڊالر توکي ڏنا، تو ڪجهه ڪونه ڪيو اسان لاءِ  انڊيا جنهن موقعي جي تلاش ۾ رهندو پئي آيو آهي ان موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ ڪلڪيوليٽر کنيو آهي، حساب ڪتاب ڪيو پيو وڃي. ڪو بهانو تلاش ٿي سگهي ٿو. منگل ستر هڪ مذهبي ڳالهه آهي ان کي به بيس بڻائي سگهجي ٿو. افغانستان به وت آهر هن ڀڃ ڊاهه ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. اهو به قوي امڪان آهي ته صورتحال دوا کان دعا تائين پهچي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جي پليٽ فارم ۾ خاموش انقلاب آڻڻ جي طاقت 

زيد پيرزادو دنيا جيئن جيئن ترقي ڪري ٿي ھر شيءِ ۾ تبديلي ٿئي ٿي. وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے