12 بدھ , دسمبر 2018

بلوچستان ۾ سياسي بحران، وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ، هڪ وزير مستعفي، ٻيو برطرف

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان ۾ حڪومتي بحران سنگين ٿي ويو آهي، وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالقدوس بزنجو اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير عبدالقدوس چيو ته گذريل بجيٽ ۾ اسان جا خدشا هئا جن کي ختم نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خدشا ختم نه ٿيڻ سبب سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان کي ڪنهن به طاقت جي حمايت حاصل نه آهي. پنهنجو آئيني ۽ سياسي حق استعمال ڪيو، بي اين پي مينگل به اسان سان گڏ آهي ۽ ٻين ميمبرن سان به رابطا ڪنداسين. هن چيو ته جيل ۾ قيد مير خالد لانگو به اسان سان گڏ آهي. ن ليگ جي ميمبرن سان به رابطي ۾ آهيون. رٿ تي عبدالڪريم نوشيرواني، خالد لانگو، طارق مگسي، ڊاڪٽر رقيه هاشمي، زمرڪ اچڪزئي، احسن بانو، شاهده رئوف، خليل الرحمان، عبدالمالڪ ڪاڪڙ، امان الله نوتيزئي، آغا رضا جون صحيحون آهن. بي اين پي عوامي ان معاملي تي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اڄ ڪراچي ۾ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پختون خوا ميپ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو  اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن سردار ثناءُالله زهري اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن بلوچستان جي فشريز واري وزير مير چاڪر سرفراز ڊومڪي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا هن وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جڏهن ته گهرو وزير سرفراز بگٽي به استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو هو  پر وڏي وزير کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے