20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ٽرمپ جي بيان تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي:خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ٽرمپ جي بيان تي ملڪي سلامتي بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺي ۽ فوري طور پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ٽرمپ جي ڌمڪي سموري ملڪ جو معاملو آهي، سموري قوم کي گڏجي فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته افغان جنگ جا اثر اڄ به آهن، نائن اليون کانپوءِ مشرف آمريڪا سان سهڪار ڪيو، جيڪڏهن سرجيڪ اسٽرائيڪ ٿي ته منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عمران خان نجومين جي چوڻ تي هلندو آهي، تنهن تي ڇا ڳالهائجي، چئلينج آهي ته عمران خان منهنجي خلاف هڪ به ثبوت سامهون آڻي. خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي پارليامينٽ کان نفرت آهي، ثبوت ڪنهن ٻي هنڌ پيش ڪري. ان کان اڳ  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو ته آمريڪا پنهنجي مفادن جي جنگ اسان تي مڙهي جنهن سبب اسان کي 130 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، آمريڪا نقصان جي بدلي اسان کي لولي پاپ ۽ مڱيرا ڏئي ريجهايو. هن چيو ته افغان جنگ ۽ نائين اليون کانپوءِ اسان کي آمريڪا جي مفادن جي جنگ ۾ گهليو ويو، ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان حقيقت جي ابتڙ ۽ ڪچي سياسي سوچ جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ پنهنجي بيانن ۽ قدمن سان دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته  آمريڪاجي اخلاقي پوزيشن اڳ ئي ڪريل آهي، اسان جي بار بار مطالبي باوجود حڪومت پرڏيهي وزير مقرر نه ڪيو. هن چيو ته ڊگهي عرصي تائين پرڏيهي وزير مقرر نه ٿيڻ سبب پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ لاءِ ن ليگ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر طلب ڪرڻ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے