12 بدھ , دسمبر 2018

سنڌ ۾ ڪينسر پيدا ڪندڙ جانورن جي انجيڪشن جو سرعام استعمال، حڪومت پابندي جي مخالف

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي چوپائي مال جو کير خطرناڪ قرار ڏيندي کير جي پيداوار وڌائڻ واري انجيڪشن تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي صوبائي رابطن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان ويٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل جي اختيارين بريفنگ ڏني. پنجاب  جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر ٻُڌايو ته کير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ لڳندڙ بوسٽن انجيڪشن سان چوپائي مال کي ڪينسر ٿي ويندي آهي جنهن سان هو مري رهيو آهي، ٻار ۽ وڏا ڪينسر واري چوپائي مال جو کير پي رهيا آهن، اها خطرناڪ صورتحال آهي، ٻين صوبن ان انجيڪشن تي پابندي لڳائي آهي پر سنڌ منع نامو حاصل ڪري ورتو. ڪميٽي جي ميمبرن کير وڌائڻ لاءِ لڳندڙ بوسٽن انجيڪشن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ميمبر راڻا افضل چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻي جي مسئلي تي نوٽيس ته وٺي رهي آهي پر خطرناڪ کير جي مسئلي تي ڇو ڌيان نه پئي ڏئي، سنڌ حڪومت ڪٿي آهي ۽ ڇا ڪري رهي آهي. جنهن تي اقبال محمد علي چيو ته توهان سنڌ حڪومت جي ڳالهه ڪندا آهيو، سنڌ ۾ ته هڪ روڊ ٺهندي ئي ٽُٽي پوندو آهي. پنجاب جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر ٻُڌايو ته بوسٽن انجيڪشن جي رجسٽريشن مجرماڻو فعل آهي، ان جي جاچ ڪرائي وڃي ته گھڻيون شيون سامهون اينديون، ڪانگو وائرس وارن ملڪن مان پاڪستان ۾ گوشت ايندو آهي ۽ پڪڙجي پوندو آهي پر وري استعمال به ٿيندو آهي، اسان وٽ ڪو به اهڙو پيشيور وڪيل ناهي جيڪو گڏيل قومن واري قانون کي ڄاڻندو هجي، هن ملڪ ۾ دٻي وارا سمورا کير جعلي آهن، ان بابت لکي به ڏئي چڪا آهيون، پاڪستان ۾ ڪو کاڌو فارملين کان بنا ناهي جيڪو ڪينسر پيدا ڪندڙ ڪيميڪل آهي، ليبارٽري جي رپورٽ موجب سمورن دٻي پيڪ کيرن ۾ فارملين موجود آهي ۽ يوريا ڀاڻ ۽ وي پائوڊر ملايو ويندو آهي. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ وٽ ويٽرنري ريگوليٽري نظام موجود ئي ناهي ۽ نه ليبارٽري آهي نه سهولتون، جڏهن ته 18هين ترميم تحت سنڌ صوبي کي اختيار نه مليا آهن.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے