17 بدھ , اکتوبر 2018

ٽرمپ جي فيصلي تي عمل، آمريڪا پاڪستان جي ساڍا 25 ڪروڙ ڊالر فوجي امداد روڪي ڇڏي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ تي عمل شروع ڪندي پاڪستان جي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي آهي، ٽرمپ انتظاميا اها امداد دهشتگردن خلاف جنگ ۾ فيصلائتي ڪارروائي ۽ دهشتگردن جون پناهه گاهون ختم ڪرڻ سان مشروط ڪيو آهي وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا جو پاڪستان کي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي امداد ڏيڻ جو في الحال ڪو به منصوبو ناهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي هڪ عهديدار چيو ته ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي سهڪار جو جائزو وٺي رهي آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي سفير نڪي هيلي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي امداد فلسطين جي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ سبب نه پر دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ سبب روڪي وئي آهي. صدر ٽرمپ پاڪستان کي ملندڙ سموري امداد روڪڻ جو خواهشمند آهي.هن چيو ته صدر اها ڳالهه واضح ڪري چڪو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي ڌرتي تي دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي اميد رکي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا بابت حڪمت عملي ۾ پاڪستان جو ڪردار سان جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ مستقبل جي سيڪيو رٽي مدد به شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے