23 منگل , اکتوبر 2018

اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻندڙ فلسطيني نينگريءَ تي فرد جرم لاڳو

ولاريل بيت المقدس (م ڊ) اسرائيل جي فوجي عدالت قابض اسرائيلي فوجين کي چماٽ هڻندڙ فلسطيني نينگري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻه هفتا اڳ انٽرنيٽ تي 16 ورهين جي احد تميمي ۽ سندس ڀيڻ جي حوالي سان هڪ وڊيو منظر تي آئي هئي جنهن ۾ هو قابض اسرائيلي فوجين کي فلسطين مان نڪري وڃڻ جو چئي رهي هئي، ان دوران مزاحمت ڪندي احد تميمي قابض فوجين کي چماٽ هڻي ڇڏي، جنهن جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد اسرائيلي فوج احد تميمي ۽ سندس ڀيڻ کي سندن گهر مان گرفتار ڪيو جڏهن ته امڙ ناريمان کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو احد تميمي سان ملڻ پوليس اسٽيشن وئي. 12 ڏينهن تائين اسرائيلي حراست ۾ رهڻ بعد اڄ فوجي عدالت مٿس فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے