15 ہفتہ , دسمبر 2018

برطرفي واريون خبرون درست ناهن: بلوچستان جو گھرو وزير

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گھرو وزير مير سرفرا بگٽي پنهنجي برطرف ٿيڻ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. هن چيو ته هو پنهنجي استعفيٰ اڳاري جي ڏينهن بلوچستان جي گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. ان کان پهريان اهڙيون خبرون منظر تي آيون هون ته بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءَالله زهري سرفراز بگٽي کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن طرفان بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءَالله زهري خلاف بي اعتماد تحريڪ جمع ڪرائڻ بعد گھرو وزير سرفرا بگٽي استعفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ذريعن ٻڌايو ته صوبائي وزير پنهنجي استعفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بي اعتماد تحريڪ جمع ڪرائي هئي. بي اعتماد تحريڪ اسيمبلي جي ميمبرن عبدالقدوس بزنجو ۽ سيد آغا رضا طرفان جمع ڪرائي وئي جنهن تي اسميبلي جي 14 ميمبرن صحيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے