11 منگل , دسمبر 2018

يرو شلم بنا ڳالهيون  ڦريو، هاڻي فلسطينين جي امداد به روڪيو ويندو: ڊونلد ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کان پوءِ فلسطين جو امداد روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي صرف پاڪستان ئي اهو واحد ملڪ ناهي جنهن کي اسان بنا سبب اربين ڊالر ڏئي رهيا آهن پر دنيا جا ٻيا به ملڪ اهڙا آهن.جهڙي طرح  هن چيو ته فلسطينکي هر سال ڪروڙين ڊالر ڏيندا آهيون جنهن جي جواب ۾ نه اسان کي سراهيو ويندو آهي ۽ نه ئي فلسطيني اسان کي عزت ڏيندا آهن.۽ اهي ماڻهو اسرائيل سان وڏي عرصي کان امن جي معاهدي تي ڳالهيون به نٿا ڪن.هن چيو ته اسان ڳالهيون  جي سڀ کان مشڪل ترين مرحلي ۾ ٽيبل کان هٽي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ يروشلم به ڦريو ويو پر اسرائيل کي ان لاءِ وڌيڪ قربانيون ڏڻيو پونديون. اهڙي صورت  ۾ جڏهن فلسطين  کي ڳاليهون  ڪرڻ ۾ به دلچسپي ناهي ته اسان مستقبل ۾ ان کي ايترو وڏو امداد ڇو فراهم ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018 جو نوبيل امن انعام عراق جي ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس کٽي ورتو

اوسلو (ويب ڊيسڪ) عراق جي يزيدي عورت ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے