23 منگل , اکتوبر 2018

پاڪستاني فلم انڊسٽري کي پروفيشنل فلم ميڪرز جي ضرورت آهي: ليليٰ

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ليليٰ چيو آهي ته هن وقت پاڪستان فلم انڊسٽري کي سچي ۽ پروفيشنل فلم ميڪرز جي ضرورت آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته پاڪستاني فلم انڊسٽري جي شاندار ماضي جي ڳالهه ڪريون ته هتي ايڊيٽنگ جي شعبي ۾ وڏن وڏن  فنڪارن پنهنجن صلاحيتن جي زور تي مختلف ڪردارن کي حقيقت جو رنگ ڏنو. ان کان سواءِ فلم ميڪرز ۽ ڊائيريڪٽرز جو پنهنجي ڪم ۾ عشق سندن فلمن ۾ نظر ايندو هو پر وري ائين به ٿيو ته فارمولا فلمون بڻجڻ لڳيون ۽ اڳتي وڌڻ بدران فلم جو ڦيٿو بحران طرف وڌي چڪو آهي جنهن جا نتيجا اسان جي سامهون رهيا. ليليٰ چيو ته غريب عوام بيروزگاري، لوڊشيڊنگ، مهانگائي، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن سبب ذهني مريض ٿي چڪو آهي، عوام وٽ تفريح جا موقعا نه هجڻ برابر آهن تنهن هوندي فلم ئي هڪ اهڙو ميڊيم آهي جيڪو عوام جي سڀ کان پسنديده ۽ بهترين تفريح آهي ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ فلمون ٺاهيندڙ پروڊيوسرز ۽ ڊائيريڪٽرز کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گھرجي ته عوام کي تفريح ڏيڻ سان گڏ اهڙيون فلمون به ٺاهن جيڪي سبق ڏيندڙ هجن. ليليٰ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي شديد بحران ۾ جن ماڻهن ان کي اڪيلو ڇڏيو اهي ان جا همدرد نه پر موقعو پرست آهن جن هتان ڀرپور فائدو ورتو ۽ ان کي بي سهارا ڇڏي ويا. هن وقت پاڪستان فلم انڊسٽري کي سچي ۽ پروفيشنل فلم ميڪرز جي ضرورت آهي تنهن هوندي جيڪڏهن اهڙا ٻه چار ماڻهو به انڊسٽري جو حصو بڻجي وڃن ته ان جو بحران ختم ٿي سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے