18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان جي ٽاپ ٽوئنٽي20 پوزيشن کي خطرو

مائونٽ مانگنوئي (اسپورٽس نيوز) نئون سال شروع ٿيندي ئي پاڪستان جي ٽاپ ٽوئنٽي 20 پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي. پاڪستان جي مختصر ترين فارميٽ ۾ ٽاپ پوزيشن شروع ٿيندي ئي آنڌاري جي آڙ ۾ اچي وئي آهي، گذريل رات تائين گرين شرٽس 124 پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن تي موجود هئا تنهن هوندي اڄ صبح کيڏي ويندڙ آخري ٽوئنٽي20 ۾ جيڪڏهن ڪيويز ويسٽ انڊيزکي شڪست ڏئي سيريز 2_0 سان پنهنجي نالي ڪن ته ان طرز ۾ نمبر ون ٽيم بڻجي ويندا، ۽ پاڪستان کي ٻئين نمبر تي وڃڻو پوندو. هت ڪيريبيئن ٽيم جي ناڪامين کان ڀرپور ان ٽور جو خاتمو ڪاميابي لاءِ پراميد آهي. ان کي 3 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي سيريز ۾ وائٽ واش شڪست ٿي، پهرين ٽوئنٽي20 به ويسٽ انڊيز ٽيم هارائي وئي هئي جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ ۾ برسات بچائي ورتو، جيڪڏهن ٽئين ميچ به مهمان ٽيم هارائي وئي ته 1999_00 کانپوءِ اهو پهريون موقعو هوندو جڏهن هو خالي هٿ نيوزي لينڊ مان واپس ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽيسٽ ٽيم ۾ شموليت جو ڪريڊٽ هيڊ ڪوچ ڏانهن وڃي ٿو: فخر زمان

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے