19 بدھ , دسمبر 2018

ڪرپٽ آفيسرن ۽ اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نااهل، بدعنوان ۽ غير ذميوار آفسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب هيڊ ڪوارٽرز ۽ نيب جي سمورن ريجنل بيوروز جي گڏيل معياري گريڊنگ نظام جي تحت سالياني ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ريجنل بيوروز جي نه رڳو خامين جي نشاندهي ڪئي ويندي پر نااهل، بدعنوان ۽ غير ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف به قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. جسٽس (ر) جاويد اقبال انسپڪشن اينڊ مانيٽرنگ ٽيم کي هدايت ڪئي ته نيب هيڊ ڪوارٽرز ۽ سمورن ريجنل بيورز جي سالياني ڪارڪردگي جو شفاف، ميرٽ ۽ قانون موجب جائزو ورتو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے