10 پیر , دسمبر 2018

آمريڪا افغانستان جي جنگ پاڪستان ۾ وڙهڻ واري اميد ڇڏي: خرم دستگير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته جماعت الدعوت خلاف ڪارروائيون آپريشن رد الفساد تحت جاري آهن جن جو آمريڪا سان ڪو به تعلق ناهي، جماعت الدعوت خلاف ڪارروائي سوچي سمجهي ڪري رهيا آهيون جيئن پاڪستان جو مستقبل محفوظ ٿي ۽ اڳتي لاءِ ڪو به دهشتگرد اسڪول ۾ ٻارن کي گوليون نه هڻي سگهي، افغانستان جي جنگ پاڪستان جي زمين تي نٿي وڙهي سگهجي، جيڪڏهن آمريڪا کي اهڙي اميد آهي ته واضع رهي ائين نه ٿيندو. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ خرم دستگير چيو ته موجوده پاڪستان ضرب عضب کان پوءِ جو پاڪستان آهي، جيڪو شهرين، جوانن ۽ آفسرن جي قربانين ۽ ڪامياب آپريشنن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. هن چيو ته هلندڙ ڪجهه مهينن ۾ آمريڪي قيادت سان مثبت ڳالهه ٿيندي رهي آهي پر عوامي سطح تي ناڪاري تاثر ڏنو ويندو آهي، آمريڪا اسان کان دهشتگردي جو خاتمو سکڻ بدران الزام هڻي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے