10 پیر , دسمبر 2018

صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 جنوري تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. آمريڪي صدر جي بيان تي قومي سلامتي واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽرمپ جي پاڪستان خلاف بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏنو ويو. آمريڪي صدر جي بيان تي وزير اعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪيو هو جڏهن ته صدر قومي اسيمبلي به طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس جمع 12 جنوري تي صبح ساڍي 10 وڳي طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ آميرڪي صدر جي بيان جي صورتحال تي بحث ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے