15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪيپٽن (ر) صفدر تي 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام، نيب چيئرمين جو جاچ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي خلاف ٽي ارب رپين جي ٺيڪن ۾ گهوٻين جي الزام جي درخواست تي ڪارروائي لاءِ ڊي جي نيب خيبرپختونخواهه کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر خلاف 3 ارب رپين جا ٺيڪا پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي قانون ۽ قاعدن کان مٿانهون ٿي ڏيڻ ۽ بعد ۾ 3 ارب رپين جي ٺيڪن ۾ مبينا طور تي 2 ارب رپين جي جعلي اسڪيمن ذريعي گهوٻين جو نوٽس وٺندي درخواست جي مڪمل جاچ جو نيب خيبرپخونخواهه کي حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب چيئرمين ڊي جي نيب خيبرپختونخواهه کي هدايت ڪئي ته  درخواست جي ڇنڊ ڇاڻ شفاف، ميرٽ ۽ قانون جي تقاضن کي نظر ۾ رکندي مڪمل ڪئي وڃي جيئن رقم ۾ گهوٻين جي سمورن ذميوارن کان قوم جا ڦريل پيسا واپس وٺي سگهجن ۽ جوابدار کي موت جي سزا ڏياري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گئس جو سنگين بحران، ڪراچي ۾ ستين ڏينهن به سي اين جي بند

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ گئس جي سنگين بحران سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے