18 جمعرات , اکتوبر 2018

ٽرمپ جي ڌمڪين سان پاڪستان تي ڪو به فرق نه پوندو: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ٽرمپ جي ڌمڪين سان پاڪستان تي ڪو به فرق نه پوندو پر آمريڪي انتظاميا کي پنهنجي رويي جي نظرثاني ڪرڻي پوندي. لاهور ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ واري پاليسي ترڪ ڪرڻ گهرجي، آمريڪا کي اسان جي فيصلن ۾ دخل اندازي جو حق ناهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو رويو دنيا ۾ جنگ ۽ بدامني کي هٿي ڏئي رهيو آهي، امن لاءِ ضروري آهي ته آمريڪا ۽ نيٽو افغانستان مان نڪرن. هن چيو ته آمريڪا طاقت جي آڙ ۾ دنيا تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان ڪري هو هر اخلاقي حر پار ڪري رهيو آهي جنهن جا نتيجا خطرناڪ ثابت ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا نفرت جي پرچار ڪري رهيو آهي ۽ خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي جنهن خلاف مسلمان امت کي گڏ ٿيڻ جر ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے