17 بدھ , اکتوبر 2018

بينظير کي به 8 سال سياست کان ٻاهر رکيو ويو، وقت اچڻ تي ملاقاتن جا تفصيل ٻڌائبا: پرويز رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته افسوس ته تحريڪ انصاف سياست جي اخلاقن کان اڻ واقف آهي جڏهن ته وقت اچڻ تي ملاقاتن جا تفصيل ٻڌائينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته 13 سالن تائين نواز شريف ۽ 8 سال شهباز شريف کي چونڊيل سياست کان ٻاهر رکيو ويو جڏهن ته بينظير ڀٽو کي به 8 سال سياست کان ٻاهر رکيو ويو پر ملڪ جي موجوده صورتحال پاڪستان جي عوام جي پيدا ڪيل ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي قيادت اڄ ڪلهه طاهر القادري جي پيرن ۾ ويٺي آهي ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڳالهيون ڪرڻ وارا پنهنجي پارٽي جي تاريخ کان آگاهه ناهن پر اسان جي ڪوشش آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ ڪا به رنڊڪ نه هجي. حالتن مان محسوس ٿو ٿئي ته اسان جا هٿ ۽ پير ٻڌا پيا وڃن. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير خلاف تحريڪ عدم اعتماد هلائي پئي وڃي جڏهن ته اڳواڻن جو فرض آهي ته عوام کي اصلي صورتحال کان آگاهه رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے