12 بدھ , دسمبر 2018

نائجيريا ۾ مسجد تي آپگهاتي حملي ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا(ويب ڊيسڪ) نائجريا ۾ مسجد تي آپگهاتي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪيمرون جي سرحد ڀرسان نائجريا جي قصبي گمبورو جي مسجد ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ماڻهو فجر جي نماز جي تياري ڪري رهيا هئا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سان مسجد کي شديد نقصان پهتو ۽ مسجد ۾ موجود موذن کان سواءِ ڪو به شخص بچي نه سگهيو،  ملبي مان هن وقت تائين 14 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجن جو خدشو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪجهه دير پهري چار شڪين کي ڏٺو ويو هو، علائقي جي نگراني تي مقرر ماڻهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀڄي ويا، پيڇو ڪرڻ تي هڪ ڄڻي کي پڪڙيو ويو، 2 ڄڻا اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا ۽ خدشو آهي ته انهيءَ شخص مسجد تي حملو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے