14 بدھ , نومبر 2018

پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون | عمران خان سياسي آپگهات ڪيو


عمران خان سياسي آپگهات ڪيو، نواز شريف جو حشر به گيلاني جهڙو ٿيڻ وارو آهي: عوامي آواز ٽي وي
ايوان صدر هميشه سازشن جو ڳڙهه رهيو آهي، آصف زرداري پستول رکي رهندو هو
نواز شريف لاءِ پريشاني ان ڪري وڌي آهي جو سندس ٽنهي ٻارن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آهن
راجا رياض پ پ ڇڏي پارٽي جو نقصان ڪيو،پ پ وارن عوام کي پاڻ ئي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچي (رپورٽر): پاڪستان ۾ ايوانِ صدر هميشه سازشن جو ڳڙهه رهيو آهي، آصف علي زرداريءَ ايوانِ صدر ۾ پستول رکي رهندو هو. هاڻي حالتون تيزيءَ سان ان طرف وڃي رهيون آهن جو خطرو پيو محسوس ٿئي ته نواز شريف جو حشر به يوسف رضا گيلانيءَ جهڙو ٿيڻ وارو آهي؟، اهڙو اظهار ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر عوامي آواز ٽي ويءَ جي پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته عمران خان پاران آف شور ڪمپنيءَ جو اعتراف سياسي آپگهات آهي. نواز شريف لاءِ پريشاني ان ڪري وڌي آهي جو سندس ٽنهي ٻارن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آهن. آف شور ڪمپني ٺاهڻ ملڪ سان دشمني آهي. هن چيو ته سومر ڏينهن نواز شريف پارليامينٽ ۾ نه آيو ته معاملو خراب ٿي ويندو. راجا رياض پ پ پ ڇڏي پارٽي جو نقصان ڪيو. راجا رياض پ پ پ ۽ نواز ليگ جي ويجهڙائيءَ سبب پي ٽي آءِ ۾ آيو. هن پارٽي ان ڪري ڇڏي آهي جو پ پ پ هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي نه پر پاڪستان پارٽي بڻجي وئي آهي. هاڻي پ پ پ وارن عوام کي پاڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| حيدرآباد: ڊاڪٽرن کي بنا سهولتن جي ٿر بدلي ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر اڳواڻ

حيدرآباد ۾ پاڪستان  ميڊيڪل ايسوسي ايشن حيدرآباد جي صدر  رفيق الحسن کوکر چيو آھي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے