16 جمعہ , نومبر 2018

تاريخ حڪمرانن جي ڏسڻي ۾ لکي ويندي آهي | پروگرام: مڪالمه

عوامي آواز| تاريخ حڪمرانن جي ڏسڻي ۾ لکي ويندي آهي | پروگرام: مڪالمه | ميزبان : ڊاڪٽر جبار خٽڪ| مهمان:علي جعفرزيدي

اسان وٽ تاريخ نه ته عوامي نقطي نظر سان لکي ٿي وڃي نه وري پڙهي ٿي وڃي تاريخ حڪمرانن جي نقطي نگاه سان لکي پئي وڃي لياقت علي خان پاڪستان کي امريڪا جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيوپيپلز پارٽي قوم پرستي جي بنياد تي ٺهي ۽ اسري هئي اهڙن خيالن جو اظهار علي جعفر زيدي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام مڪالما ۾ ميزبان داڪٽر جبارخٽڪ سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ايوب خان سان ڀٽو صاحب جي تضاد جو سبب 65 جي جنگ ۽ تاشقند جو معاهدو هيو اسان چاهيون پيا ملڪ کي جاگيرداري نظام مان سڌو سوسلسٽ نظام ۾ تبديل ڪيون ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوء عوام پيپلز پارٽي کان پري هلي و يو هيو  ڀٽو جي ڦاسي کانپوء عوام ٻيهر پارٽي جي ويجهو آيو لنڊن ۾  اسان محترمه بينظير ڀٽو سان ملي عوامي پيپلز پارٽي کي پاڪستان ۾  روائز ڪرڻ لاء ڪوشش شروع ڪئي پر محترمه کي ملڪ واپس اچي اقتدار حاصل ڪرڻ جي جلدي هئي جنهن پٺيان امريڪا ۽ فوج هئي اسان چاهيون پيا محترمه ڪنهن ڪمپرومائيز وسيلي نه عوامي طاقت سان اقتدار ۾ اچي مان عراق جنگ جي خلاف هيس انهي خلاف لنڊن ۾ ڪيتر مظاهرا ۽ جلوس ڪڍرايا محترمه کي سازش تهت ماريو ويو قتل جي اعلي سطحي جاچ ڪرائڻ گهرجي سويت يونين اندروني ڀڃ ڊاهه سبب ٽٽي چين دنيا ۾ ڦهلجي رهيو آهي چين دنيا جي منڊين تي اقتصادي قبضو ڪري رهيو آهي اڳتي هلي امريڪا چين جو جهڳڙو اڻٽر آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے