18 اتوار , نومبر 2018

سري ديوي فلاحي ڪمن لاءِ پينٽنگز وڪرو ڪندي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا سري ديوي فلاحي ڪمن لاءِ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل پينٽنگز کپائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻن ڏهاڪن تائين ڀارتي فلم انڊسٽريءَ تي راڄ ڪندڙ سري ديوي اداڪاريءَ سان گڏوگڏ پينٽنگ جو به شوق رکي ٿي ۽ فلمي مصروفيتن باوجود مصوري ڪندي آهي. 54 ورهين جي اداڪارا هاڻ پنهنجون پينٽنگز فلاحي ادارن جي مدد لاءِ کپائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مهيني دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ نمائش ۾ سندس پينٽنگز کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. سري ديوي پنهنجي ڀائٽي اداڪارا سونم ڪپور جي ڊيبيو فلم ”ساوريا“ جي هڪ منظر جي مصوري ڪئي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته سونم ڪپور جي اها پينٽنگ وڏي اگهه تي کپندي. ان سان گڏوگڏ سري ديوي مائيڪل جيڪسن جي به پيٽنگ ٺاهي آهي ۽ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته انهن پينٽنگز جي ٻولي جي شروعات 10 لکن کان ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے