17 پیر , دسمبر 2018

وٽامن ڊي دل جي شريانين کي صحتمند رکندي آهي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)وٽامن ڊي سپليمنٽ وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سان دل جون رڳون لچڪدار ۽ تندرست رهنديون آهن ۽ ان سان گڏوگڏ فالج ۽ دل جي دوري پوڻ جو به خطرو گهٽ ٿيندو آهي.  امريڪي رياست جاريجا جي شهر آگسٽا ۾ هن حوالي سان جاچ ڪئي جنهن ۾ اهو ثابت ٿيو ته وٽامن ڊي دل لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته وٽامن ڊي جو وڌيڪ مقدار استعمال ڪيو وڃي ته ان سان دل جو رڳون جي لچڪ وڌندي آهي ۽ رڳن ۾سختي به گهٽ ٿي ويندي. وٽامن ڊي سان رڳون نرم ۽ لچڪدار ٿينديون آهن.  ۽ وٽامن ڊي هڏين جي بهتري ۽ مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ پهريون ڀيرو 32 ڪلو ميٽر پري کان دل جو آپريشن ڪرڻ جي دعويٰ

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) هونئن ته ڏيڍ ڏهاڪي ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے