13 جمعرات , دسمبر 2018

شال اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ پُرامن ۽ خوشحال دنيا ڏيئي سگهون!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

اسين جاپان جي شهر هيروشما ۾ ’مياجي ما‘ ٻيٽ گهمڻ لاءِ ويا هئاسين. جيسين’مياجي ما‘ ٻيٽ جو ڪنارو اچي، ان کان اڳ هڪ وڏو اوچو شاهي قديم ڳاڙهو دروازو سمنڊ ڪناري پاڻيءَ جي اندر ئي ٺاهيل نظر آيو. اهو اهڙو ته شاهي  منظر هئو، جو ڏسندي ئي ڏسندي تمام  سياحن جو ڪئمرائون کلي ويون ۽ ڌڙا ڌڙ فوٽو ڪلڪ ٿيڻ لڳا؛ ڄڻ ڪنهن ملڪ جو سربراه اچي ويو هجي!

’مياجي ما‘ ڪناري جڏهن اسان جو جهاز لنگر انداز ٿيو ته اسين به لهي هيٺ ٿياسين. اصل سرڳ جو نظارو هئو. جيڪڏهن جنت جو ڪير تصور ڪري سگهي ٿو، ته هوبهو اُن ئي پيماني جي شاندار تصوير حقيقي روپ ۾ اسان جي اکين سامهون هئي. هڪ وڏي شاهي سرسبز و شاداب چهچ سائي چادر ڌرتيءَ تي وڇايل هئي. سمنڊ ڪناري ٿورو دور کان هڪ قديم مندر پئي نظر آيو.

مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ’مياجي ما‘ ٻيٽ تي ڪنهن به هرڻ کي انسان سان گڏ بيٺي ڏٺو. صرف مان ئي نه، پر اهو عجيب نظارو ڏسندي ڪيترا ٻيا سياح پڻ اُتي فوٽو ڪڍائي رهيا هئا. اُتي ته پاڻ هرڻ ويچارا اسان انسانن کي عجيب نگاهن سان ڏسي رهيا هئا!

’اتسوڪُشيما‘  سمادي ” مياجي ما“ ٻيٽ تي سڀ کان پهرين 593ع ۾ تعمير ڪيئي ويئي هئي؛ جنهن کي پوءِ 1168 ۾ بلڪل اوچي طرز تي ٻيهر جوڙايو ويو هئو. ”مياجي ما“ ديوي ٻيٽ کي قديم  زماني طور پوڄيو ويندو آهي. ان علائقي جو سرڪاري نالو ’اِتسوڪُشيما‘ آهي، پرعام طور ان کي ’مياجي ما‘ ڪري سڏيو ويندو آهي.

سماڌيءَ واري پوري عمارت پاڻيءَ جي مٿان ٺاهيل آهي، جنهن ان پوري ايراضيءَ کي بيحد رومانوي بڻائي ڇڏيو آهي. اسين سمنڊ جو ڪنارو وٺي ٿورو اڳيان وڌياسين. ڪناري جي مخالفت سمت ۾ ڪجهه دوڪان هئا ۽ انهن جي پٺيان هيڏو سارو پربت بيٺو هئو. سمنڊ جي مٿان ڪاٺ جي هڪ شاندار عمارت ۽ بيحد سهڻا سهڻا پيچرا ٺاهيل هئا. اهو سڀ نظارو هندوستاني فلم ’لو اِن ٽوڪيو‘ ۽ ’ريڊي‘ ۾ پڻ ڏيکاريو ويو آهي. پاڻيءَ مٿان ٺاهيل مندر ڏانهن وڃڻ مهل سامونڊي اُٿل (High Tide) جو خيال رکڻو پوندو آهي. جڏهن جڏهن به اهڙي هاءِ ٽائيڊ ٿيندي آهي ته ’اوٽوري گيٽ‘ ۽ پوري سماڌي پاڻيءَ مٿان ترندي نظر ايندي آهي.

’مائونٽ ِمسن‘ پهاڙيءَ تي پنج سئو ميٽر مٿي وڃڻ سان روپ-وي جي پهرين اسٽيشن ‘Momijidani’ آهي؛ جنهن ذريعي هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ چڪر لڳائي سگهجي ٿو. مٿي نه وڃي ٿورو ئي اڳيان هلبو ته هڪ قديم جاپاني شهر آهي؛ جتي روڊ جي ٻنهي پاسي قديم طرز جا گهر ۽ دوڪان آهن. ان قديم جاپان جو وري پنهنجو ئي نظارو هئو؛ جيڪو ڪجهه ڪجهه هينئر ڪيوٽو ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. ان جي مُهڙ تي ئي ‘Miyajma Museum   هئو: جتي ٻارهين صديءَ وارن ‘Heiko clan’ جي سوترن جا 33 دستخط اسڪرول جي روپ ۾ رکيل آهن.

قديم زماني جا ساز، هڪ سنڌ جهڙي بانسري، اوڻويهين صديءَ دوران ڪم آندل ڪاسٽيوم ۽ ڪجهه قديم طرز جا هٿيار پنوهار به رکيل هئا. ٻاهر آياسين ته منهنجي لاءِ اهو پورو منظر ڄڻ هڪ خواب جيان هئو؛ جنهن کي هيل تائين صرف فلمن ۾ ئي ڏٺو ويندو آهي.

بعد ۾ اسين 1:55 بجي واري فيري بوسٽ سروس ذريعي’مياجي ما‘ ٻيٽ کان دور ٿيندا ’هيروشما پيس ميموريل‘ ڏانهن وڃڻ لڳاسين. فيري پنهنجو مقرر سفر طئه ڪندي ٺيڪ 2:20 بجي ‘Hiroshima –Ujina Passenger Terminal’ تي پهتي.

ٽرمينل تان ٻاهر آياسين ته عمارت سان لڳو لڳ ئي ٽرام اسٽينڊ هئو. ماميا پنهنجي منزل واري ٽرام ۾ هلي چڙهيو. اسين ‘JR Free Pass’ ڏيکاري اهڙي هر سواريءَ تي مفت ۾ ئي سفر ڪري رهيا هئاسين. ٽرام، اسان جي ميٽرو ٽرين کان به وڌيڪ خوبصورت هئي. سائيڊ کان آرامده صوفا ۽ ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا شفاف ڪانچ لڳايل هئا. اسين 2:22 تي ان اليڪٽرڪ ٽرام ذريعي ‘Dedicated Rail’ جي هيروشما شهر جي خوبصورت روڊ ۽ رستن تان ٿيندا 2:50 تي ‘Chou-Denmar’ تي اچي لٿاسين. ان ايراضيءَ ۾ ڪجهه ڇڊا ڇڊا ماڻهو پئي نظر آيا. اسين  پڇندا پڇندا پنهنجي مخصوص گهٽيءَ ۾ پهتاسين، جتي پري کان  ‘City Hall Memorial Dome’   پئي نظر آيو. هيءَ اُها ساڳي عمارت هئي، جنهن جي مٿان آمريڪا 6 آگسٽ 1945ع تي ٻين عظيم جنگ دوران بربريت کان ڪم وٺندي ٺيڪ 8:15 بجي صبح جو بمب اڇلائيندي انساني تاريخ ۾ پهرئين ائٽمي بمب جو  استمال ڪيو هئو. اها عمارت تڏهن ’سٽي هال‘ ٿي ڪم ايندي هئي  ۽ ايڏي ته خوبصورت  ۽ مضبوط هئي جو ان خطرناڪ ڌماڪي باوجود به جڏهن سموري پسگردائي هڪ سيڪنڊ ۾ رک جو ڍير ٿي ويئي، پوءِ به ان عمارت جي قبي مٿان چڙهيل سيمينٽ وارو حصو ڀل نڪري ويو، پر اندريون لوهي ساز  و سامان چٻي صورت ۾ اڄ به اُن ستم جو دردناڪ داستان ٻڌائي رهيو آهي!

جيئن جيئن اسين  ‘GenbakuDomu-mae’  هال جي تباه شده حالت ڏسندا ان جي ويجهو پئي ٿيندا وياسين، تيئن تيئن انساني ظلم ۽ بربريت کان ڪراهت پئي محسوس ٿي. ان قبي واري اهم عمارت  ۽ ڀر ۾ ٺاهيل ‘Peace Memorial Museum’ ذريعي اڄ به جاپان رڙيون ڪندي هڪ هڪ انسان کي ائٽامڪ تباهيءَ جي خوف ۽ ان جي انجام کان بچائڻ لاءِ ائٽامڪ انرجي واري جنگي استعمال خلاف زبردست آواز پئي اٿاريو آهي، ته خدارا! پنهنجي علم، عقل ۽ تمام ڏات کي انسان ذات جي تباهي نه، پر ڀلائيءَ جي ڪتب آڻيو!“

اسين ٻاهران ئي ٻاهران پيپس ميموريل جي چوگرد طواف ڏيندي اوٽو گاوا ندي،ءَ جو پاسو وٺي ’پيس ميموريل ميوزيم‘ طرف پئي وياسين. هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ شاهي باغيچي جي وچ ۾ وشال پيچرا ۽ هميشه ٻرندڙ هڪ جوت نظر آئي. اُها جوت اڄ به رب پاڪ کي ٻاڏائي رهي آهي، ته شال انهن معصوم انسانن جي قرباني باقي دنيا کي وري ڪنهن ٿيندڙ اهڙي خطرناڪ تباهيءَ کان بچائي سگهي!

ان جوت جي پٺيان ئي دور کان هڪ جهڙيون ٽي عمارتون؛ مين بلڊنگ، ايسٽ بلڊنگ ۽ ويسٽ بلڊنگ هيون، جتي ‘Peace Memorial Museum’ هو. ايسٽ بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي رسيپشن ڪائونٽر تان پنجاه پنجاه ين في ماڻهو ٽڪيٽ خريد ڪرڻ سان هڪ آڊيو گائيڊ پڻ ڏني ويئي؛ جيڪا گلي ۾ پائيندي سيلف اسپيڪر سان دنيا جون سورهن ٻوليون، جن ۾ عربي ۽ اردو به شامل هئي؛ هر سياح پنهنجي پسند جي ٻوليءَ ۾ ميوزيم جي هر هڪ مخصوص حصي بابت وابسته وضاحت ٻڌي سگهي ٿو.

ميوزيم ۾ گهڙندي ئي سامهون هڪ وڏي اسڪرين تي پروجيڪشن ٿي رهي هئي. اهي ڀيانڪ نظارا ڏسندي اسين ته ڄڻ پاڻ مني صدي پٺيان وڃي. 6 آگسٽ 1945ع واري هيروشما جي ڌرتيءَ تي پهچي وياسين؛  جڏهن هر طرف صرف باه ئي باه هئي. ان بمباريءَ جي زير اثر تقريبن ٻه ڪلوميٽر هائپو سينٽر ايراضيءَ جون تمام عمارتون سڙي رکي ٿي ويون هيون. ڊسمبر 1945ع تائين جيسين ان جو ريڊيئيشن گهٽ ئي ڪونه پئي ٿيو، تيسين هڪ لک چاليهه هزار ماڻهو بي گناه اجل جو شڪار ٿي چڪا هئا.

هال جي وچ تي ٻه وڏا شاهي ماڊل رکيل هئا. هڪ ۾ ائٽامڪ تباهيءَ کان اڳ واري هيروشما جي سونهن پسايل هئي، ته ٻئي ۾ ائٽامڪ تباهيءَ باعث صرف ‘Denbaku Domce-mae’ واري ڊٺل عمارت کانسواءِ سمورو شهر رک جو ڍير ڏيکاريل هئو. ان ماڊل جي ڀر ۾ ڪنهن بي گناهه انسان جي واچ رکيل هئي، جنهن جون خاموش سيون اڃا تائين 6 آگسٽ 1945ع جو 8:15 بجه ٽائيم ڏيکاري رهيون هيون.

هڪ هنڌ ان گنبذ سوڌي عمارت جو تباه شده ريپليڪا لڳايل آهي، جنهن جي ٺاهڻ ۾ پڻ جاپانين ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.کنڊهرن اندر ٻرندڙ ڳاڙهيون پيلون روشنيون پڻ وڌيڪ سنسناهٽ جو احساس ڪرائين ٿيون. ڏاڪڻ چڙهي مٿي اچ ته 6 آگسٽ 1945ع جي تباهيءَ کانپوءِ لاشن جا ڍير ۽ بدنصيب بچيل ماڻهن جي جسم مان وهندڙ ماس؛ ازل کان اڃايل ماڻهن جون پاڻيءَ لاءِ ڪيل رڙيون؛ اهي سڀ سچا فوٽو لڳايل آهن. هيءُ جاپاني ماڻهو اهو سڀ پيغام  اهڙي ته پرامن نموني ڏيئي رهيا آهن، جو ڪنهن وحشيءَ کي به جيڪر ساڻن همدردي ٿيو وڃي!

ائٽامڪ بلاسٽ کانپوءِ دير ئي نه لڳي هئي جو هڪ سيڪنڊ ۾ 280 چورس ميٽر ايراضي ان جي دائري هيٺ اچي ويئي هئي. ڌرتيءَ جو ٽيمپريچر ڇهه هزار سينٽي گريڊ ٿي ويو هئو. گرمي ايڏي ته هيبتناڪ، جو ڀر واري نديءَ جو سمورو پاڻي ئي پل ۾ سڪي ويو هئو.

ميوزيم ۾ فوتين جون جيڪي شيون رکيل آهن، اهي سندن مائٽن طرفان کنڊهرات مان ڳولي ڪڍيل آهن، جي پوءِ ميوزيم کي ڏنيون ويون هيون. اها هڪ هڪ امانت اڄ تائين خاموش رهندي به اهو ئي پيغام ڏيئي رهي آهي، ته :

”خدارا! شال ڌرتيءَ تي اهو قهرٻيهر نازل نه ٿئي!“

تڏهن بدقسمت بچيل ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا. جاپان، جنگ بنديءَ لاءِ هٿيار ڦٽا ڪيا، پوءِ به اُتان جي انسانن اميد نه لاٿي. هنن لڳاتار محنت ڪئي ۽ پاڻ کي ايترو ته مٿي کڻي آيا جو سائنس، ٽيڪنالاجي توڙي معيشيت واري ميدان ۾ پڻ پوري دنيا ۾ ٻئين نمبر تي پهچي ڏيکاريو. هينئر خاص طور هيروشما جي شهر واسين جي اها خواهش آهي ته پوري دنيا مان نيوڪليئر هٿيارن جو هميشه لاءِ خاتمو آندو وڃي ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ ڌرتيءَ تي هڪ پرامن دنيا آباد ٿي سگهي!

ميوزيم جي ٽئين ماڙي تي ته قهر ئي قهر هئو. ائٽامڪ بمب جي تباه ڪاريءَ سبب زخمين جا موم وارا پتلا ٺاهيل هئا، جيڪي اسين ڏسي به ڪونه پئي سگهياسين. ان ئي ماڙي تي هيروشما جي ميئر طرفان سلور ڪلر ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي ائٽامڪ هٿيارن نه ٺاهڻ لاءِ نيزاريءَ وچان عرض ڪيو ويو هئو. اهڙا ٻه پيغام ڪڏهن هندوستاني وزيراعظم اٽل بهاري واجپيئي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف کي پڻ موڪليا ويا هئا؛  جن جي ڪاپي اُتي لڳايل هئي. پر اُهي پيغام  اڄ تائين صرف خاموشيءَ جي اونداهيءَ ۾ سڏڪندا ئي رهيا؛ وريو ڪجهه به ڪين! اڳيان وڌي ميوزيم جي آخرين ڇيڙي تي اسين پنهنجون آڊيو گائيڊ واپس ڪيون. هڪ وڏي ڪاريڊار ۾ پنهنجو پيغام لکڻ لاءِ رجسٽر رکيل هئا. مون لکيو:

”ڪاش! دنيا جي تمام سربراهن کي هتي گهرائي هيءُ ميوزيم ڏيکاريو وڃي ۽ کانئن واعدو ورتو وڃي ته اُهي انسان ذات جي ڀلائيءَ خاطر پنهنجي تمام ائٽامڪ طاقت کي ڪڏهن به تباه ڪار نموني استعمال ڪونه ڪندا. شال اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ پرامن ۽ خوشحال دنيا ڏيئي سگهون!“

اسين ميوزيم مان ٻاهر نڪري ٽرام اسٽاپ تي اچي بيٺاسين. اسٽاپ جو نالو ئي هئو ‘Atomic Bomb Dome’  اسين ٽرام ۾ چڙهي 4:48 بجي اتان نڪتاسين ۽ 5:07 بجي جاپان ريلوي جي ’هيروشما‘ اسٽيشن تي پهتاسين. اُتي ئي ٽرام پنهنجي ٽرمينس اندر هلي ويئي ۽ اسين هيٺ لهي ادا مشتاق ميمڻ جي هيروشما ۾ رهندڙ دوست، ڀاءُ خالد چنه کي فون ڪيئي، هوُ پنهنجي انجام موجب پوري 5:30 بجي ڀرسان ئي ’مڪڊونالڊ‘ ريسٽارنٽ ۾ گڏيو ۽ اُتي ئي اسان کي رفريشمينٽ ڪرايائين ته ڪچهريون به ڪيونسين.

ادا خالد چنه، سنڌ ۾ سکر سان وابسته هوندي 1985ع ۾ ٽوڪيو ويو هئو. هو ان مهل ست سالن کان هيروشما ۾ رهندڙ هئو. هُن جاپان ۾ رهندي شادي به اُتي ئي هڪ جاپاني ڇوڪريءَ سان ڪئي هئي. هن جو بزنس پراڻيون ڪاريون وٺي پاڪستان موڪلڻ هئو. دراصل 1989ع تائين پاڪستان مان جاپان اچڻ لاءِ ڪنهن کي به ويزا ئي ڪونه کپندي هئي ۽ صرف جاپان ۾ داخل ٿيڻ مهل ايئرپورٽ تي انٽري  ڪرائبي هئي. پوءِ ته ويزا جي سخت پابندين سبب اُتي وڃڻ به مشڪل ٿي پيو. خالد چنه کي جاپان گورنمينٽ طرفان ‘Permanent Residence’  مليل هئي، پر ان مهل تائين اڃا کيس جاپان جي شهريت ڪونه ملي سگهي هئي!

خالد چنه ته ڪنهن به جاپاني ماڻهو، خاص طور ماميا صاحب کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي رهيو هئو. ڀاءُ خالد سان سنڌ جا حال احوال ڏيندي ڏاڍو لطف پئي آيو. اسين 6:30 بجي کانئس ڀاڪر پائيندي موڪلايو ۽ 6:44 بجي واري ‘Nozomi-60’ بليٽ ٽرين ۾ واپس اوساڪا آياسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے