12 بدھ , دسمبر 2018

14 سالن کان فرار جاپان جي خطرناڪ گينگ جو سربراهه سوشل ميڊيا ذريعي ٿائلينڊ مان گرفتار

بينڪاڪ(ويب ڊيسڪ) جاپان جي ڏوهاري گينگ جو فرار ٿيل 74 سالن جو سربراهه ٿائلينڊ مان گرفتار ٿي ويو. تفصيل موجب 14 سالن کان فرار شزهارو شرئي جاپان جي مشهور گينگ يڪوزا جو سربراهه آهي جنهن جي گرفتاري ڊرامائي انداز ۾ ٿائلينڊ ۾ ٿي.  معاملو ائين هو ته يڪوزا گينگ جو سربراهه شزهارو شرئي ٿائلينڊ جي هڪ شاپنگ مال ٻاهران شطرنج کيڏي رهيو هو ته هڪ ٿائلينڊ جي شهري ئي جيڪو کيس سڃاڻي ته نه پيو پر سندس جسم تي موجود ٽيٽوز ڏسي هن جون تصويرون ڪڍيون ۽ خاص ڪري سندس هٿن جون تصويرون ڪڍيون جنهن مان هڪ هٿ جي ننڍي آڱر وڍيل هئي ۽  انهن تصويرن کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. انهن تصويرن کي انٽرنيٽ تي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ تقريبن 10 هزار ڀيرا اها تصوير شيئر ٿي. انهيءَ دوران جڏهن پوليس کي هن جي تصويرن جي لنڪ ملي ته هنن کيس سڃاڻي ورتو جنهن بعد جاپان جي پوليس ٿائيلنڊ جي اختيارين کي کيس گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ ٿائلينڊ جي پوليس کيس بينڪاڪ جي علائقي لوپ بري مان غير قانوني رهائش اختيار ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ڇو ته وٽس نه پاسپورٽ هو نه ئي وري ڪي ٻيا دستاويز هيا. بينڪاڪ پوليس موجب شزهارو شرئي جاپان مان 2005 ۾ فرار ٿيو ۽ ٿائلينڊ آيو هتي هن هڪ عورت سان شادي ڪئي ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪئي. در حقيقت شزهارو شرئي جاپان جي هڪ بدنام گينگ يڪوزا جي شاخ ڪوڊوڪئي سان لاڳاپيل آهي ۽ کيس مخالف گروپ خلاف 2003ع ۾ گينگوار جو مرڪزي ڪردار بڻايو ويو جنهن بعد جاپاني پوليس هن جي ڳولها ۾ هئي. ٿائلينڊ جي پوليس موجب هن اهو ته قبوليو آهي ته هو هڪ گينگ جو سربراهه آهي پر هن ڪنهن قتل جو اعتراف ناهي ڪيو، يڪوزا گينگ جاپان ۾ جوا، پروسيٽيوشن، منشيات ۽ هيڪنگ جي ڏوهن ۾ ملوث آهي جيڪا صدين پراڻي گينگ آهي ۽ ان جا لڳ ڀڳ 60 هزار ميمبر آهن جاپاني پوليس سندس گرفتاري کي اهم گرفتاري قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے