18 جمعرات , اکتوبر 2018

بگ بيش ليگ: عثمان خواجا سڊني ٿنڊر کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي

سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي 25هين ميچ ۾ سڊني ٿينڊر عثمان خواجا جي شاندار بيٽنگ عيوض پرٿ اسڪارچرز کي 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڊني ٿنڊر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ عثمان خواجا 51 بالن تي چئن ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 85 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. جواب ۾ پرٿ اسڪارچرز سخت مقابلي کانپوءِ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهي سگهي. پرٿ طرفان ڪيمرون بينڪرافٽ 75 ۽ هلٽن ڪارٽ رائيٽ 65 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيا.. ميچ جو بهترين رانديگر عثمان خواجا کي قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

It is an impression that Imran Khan is playing cricket board: Ehsan Mani

اهو تاثر غلط آهي ته عمران خان ڪرڪيٽ بورڊ هلائي پيو: احسان ماني

ابو ظهبي(اسپورٽس نيوز )  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے