18 جمعرات , اکتوبر 2018

ناراض ليگين عبدالقدوس بزنجو کي وزير اعليٰ بلوچستان جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي ۾ نواب ثناءُ الله زهري کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ ن ليگ جي ناراض ميمبر ۽ ق ليگي ايم پي ايز نئين وڏي وزير لاءِ عبدالقدوس بزنجو کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ گذريل پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ناراض ميمبر ۽ ق ليگي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ آهي ته نئين وڏي وزير لاءِ متفق طور تي عبدالقدوس بزنجو جو نالو چونڊيو آهي. بلوچستان جي نئين وڏي وزير لاءِ ن ليگ طرفان ممڪن طور تي جان محمد جمالي ۽ صالح ڀوتاڻي جا نالا سامهون پئي آيا. تنهن هوندي جان محمد جمالي ناراض ليگي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلم ليگ ق جو اڳواڻ عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ اسان جو اميدوار آهي. جان محمد جمالي جو وڌيڪ چوڻ هو ته عبدالقدوس بزنجو سڀاڻي وڏي وزير لاءِ پنهنجا نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائيندو. ان موقعي تي عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ هو ته وڏي وزير جو اميدوار نامزد ڪرڻ تي ٿورا مڃيان ٿو.  هن چيو ته اسان بلوچستان جي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ صوبائي اسيمبلي جون تائين هلندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ هو ته بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري به احترام لائق آهي. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير جي ووٽ لاءِ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي سان به رابطو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور ۾ هلندڙ سال گهٽ عمر جي ٻارن سان زيادتي جا 162 واقعا رپورٽ ٿيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي راڄڌاني ۾ هلندڙ سال ننڍي عمر جي ٻارن سان زيادتي جا 162 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے