13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪراچيءَ جي علائقي ناظم آباد ۾ هٿياربندن هٿان پوليس اهلڪار قتل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو. ڪراچيءَ جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ لنڊي ڪوتل چورنگي ويجهو ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن آفيس ويندڙ پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪئي ۽ ڀڄي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار موقعي تي ئي مارجي ويو، سندس سڃاڻپ شاڪر احمد جي نالي سان ٿي ۽ کيس مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. ايس ايس پي سينٽرل عرفان بلوچ موجب مارجي ويل اهلڪار شاڪر احمد گلبرڪ ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ نشانو بڻايو ويو. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو صبح سوا 8 وڳي پيش آيو، هيلمٽ پهريل ٻن موٽرسائيڪل سوار ماڻهن پوليس اهلڪار جي چهري تي فائرنگ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے