17 پیر , دسمبر 2018

سينيٽ چونڊون وقت تي ٿينديون، حڪومتي نااهلي سبب غير جمهوري نظام اچي سگهي ٿو:آصف زرداري

نوابشاهه (رپورٽ: ممتاز خاصخيلي+ اڪرم چانڊيو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت نواز شريف جي بي ٽيم جي هٿن ۾ رهي ته حالتون اڃا وڌيڪ سنگين ٿينديون، موجوده وفاقي سرڪار جي نا اهلي سبب جيڪڏهن ڪو به غير جمهوري سسٽم آيو ته اهو آئين جي ابتڙ هوندو، وفاقي حڪومت کي پرڏيهي معاملن تي ڳالهائڻ ۽ ڊپلوميسي اختيار ڪرڻ جو ڏانءُ نه آهي، پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچي آمريڪا يورپ سميت سڄي دنيا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪندي نواز شريف آبادگار يا زميندار نه آهي کيس ڪمند ۽ ڦٽين جي آبادگارن جو ڪهڙو احساس ٿيندو، ايندڙ حڪومت اسان جي ايندي ۽ اسين زائرين کي ڪربلا مولا ۽ ٻين زيارتين لاءِ 30 سيڪڙو ٽڪيٽ تي موڪلينداسين عوام مهانگائي، غربت ۾ پيڙهجي رهيو آهي ۽ وفاقي حڪمران رڳو پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ ۾ پورا آهن. اهڙو اظهار هن زرداري هائوس نوابشاهه ۾ نوابشاهه پريس ڪلب جي صحافين جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، آصف علي زرداري چيو ته قصور ۾ جيڪو المناڪ واقعو پيش آيو آهي هڪ گلن جهڙي معصوم نياڻي بي بي زينب کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهي بعد ٻه شهري پڻ قتل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خود پنجاب جي پوليس اختيارين اهو واضح ڪيو آهي ته مقتولا زينب جي قتل ۽ پنجاب ۾ اهڙن ٿيل ٻين ستن واقعن جي جوابدار جو ڊي اين اي ساڳيو آهي ته پوءِ جوابدار جي عدم گرفتاري پنجاب جي خادم اعليٰ ۽ حڪومت جي ناڪامي آهي هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحو رڳو 14 ماڻهن جي بيگناهه قتل جو معاملو نه آهي پر اهو 100 انساني حياتين جو خون آهي جيڪي بيگناهه ۽ معصوم ماڻهو معذور ٿي ويا آهن اسين انهن سميت مقتولا زينب جي وارثن جي ڏکن ۾ برابر جا شريڪ آهيون، هڪ سوال جي جواب هن چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته سنڌ جون سموريون شوگر ملون منهنجون آهن ۽ ڪمند جي اگهه واري معاملي ۾ منهنجو ڪو ڪردار آهي اها وفاقي حڪومت جي نا اهلي آهي ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت کي ڪمند جي اگهه جي مد ۾ 10 روپيا 60 پئسا سبسڊي ۽ سنڌ حڪومت 9 روپيا ڪجهه پئسا سبسڊي ڏيڻي هئي جيڪي سنڌ حڪومت ڏنا پر وفاقي حڪومت مسلسل ڏيڻ کان انڪار ڪندي رهي، هن چيو ته مونکي ايندڙ عام چونڊون توڙي سينيٽ جون چونڊون اکين سان ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن پيون حڪومت اسان ٺاهينداسين ۽ نواز شريف اپوزيشن ۾ ويهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي مسئلا آهن اهڙا پنجاب ۾ نه آهن پر خبر نه آهي ڇو عدالتن کي اهي ڏسڻ ۾ نٿا اچن اسان ته آءِ جي کي تبديل نٿا ڪري سگهون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الطاف حسين صاحب ته ٽي وي تي نه پر سوشل ميڊيا تي نظر اچي ٿو ۽ اسان جي عمر سوشل ميڊيا ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي نه آهي ساڳي طرح ننڍي ميان صاحب جي ناڪامي به واضح ٿي وئي آهي پنجاب جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ پنجاب جو خادم اعليٰ عوام جي مسئلن ۽ ڏکن سورن کان لاتعلق بڻيل آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي قصور جي مقتولا معصوم ٻارڙي زينب جي وارثن وٽ به شهباز شريف سڀني کان آخر ۾ رات جي اونداهي ۾ پهتو، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ منهنجي خواهش آهي ته نوابشاهه مان بيهان ۽ چيئرمين صاحب کي درخواست ڏيندس، هن چيو ته نوابشاهه جا مسئلا پارٽي جا ماڻهو مونکي نه ٻڌائيندا آهن اوهان ميڊيا جا دوست ئي انهن جي نشاندهي ڪندا آهيو، هن چيو ته نوابشاهه ۾ واٽر سپلاءِ جي لائنن ۾ 30 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن پر عوام لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي جنهن بابت وزير اعليٰ سان ڳالهائيندس انهي موقعي تي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، نوابشاهه ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين حاجي محمد عظيم مغل، وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي، ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام شاهه لغاري، راشد چانڊيو ۽ راضي خان جمالي پڻ موجود هئا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے