13 جمعرات , دسمبر 2018

اربع کان لاهور ۾ ڌرڻو، شهباز شريف ۽ ٻيا استعيفيٰ ڏين: قادري

لاهور(م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته قصور واقعي جا اصل ڏوهاري شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب آهن، فرضن ۾ غفلت تي سڀني کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،  هلندڙ هفتي احتجاج جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اسان جو احتجاج هاڻ رڳو ماڊل ٽائون سانحي جي لاءِ ناهي پر هاڻ قصور سانحو به اسان جي احتجاج ۾ شامل ٿي ويو آهي، هن وقت قصور ۾ سمورا ايم اين ايز ۽ ايم پي اي ن ليگ جا آهن پر ان جي باوجود اهڙا واقعا ڪيترن ئي سالن کان ٿي رهيا آهن. لاهور ۾ سياسي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي، حڪمران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ بري طرح ناڪام ٿي ويا آهن. مسلم ليگ ن وارا غريبن جي اولادن کي انسان جو ٻار ناهن سمجهندا، قصور ۾ ٿيل واقعو درندگي جي بدترين مثال آهي جڏهن ته شيخوپورا، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ به اهڙا واقعا ٿيا پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ ئي نه سري.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمرن سدائين جنگيون هارايون، سياستدانن ملڪ بچايو: خورشيد شاهه

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ايم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے