13 جمعرات , دسمبر 2018

زينب جي وارثن کي هر حال ۾ انصاف ڏياريندس: شهباز شريف

لاهور( م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف قصور واقعي ۾ ملوث جوابدار جي نشاندهي تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي صدارت هيٺ پوليس جي اعليٰ افيسرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شهباز شريف طرفان قصور واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.  اجلاس ۾ قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر لاهور ۽ قصور انتظاميه شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب شهباز شريف آر پي او قصور ذوالفقار حميد کي ڇنڊ پٽي. شهباز شريف چيو ته پوليس موقعي تي ڪارروائي ڇو نه ڪئي، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ڇو نه ٿي رهي آهي. ترجمان موجب شهباز شريف زينب ڪيس جو 24 ڪلاڪن ۾ چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته قصور ۾ سمورن 12 ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪيا. شهباز شريف مظاهرن دوران پوليس جي فائرنگ  مارجي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ 30 لک رپيه في ماڻهو مالي امداد جو اعلان ڪيو. شهباز شريف سيف سٽي پروجيڪٽ قصور تائين وڌائي شهر ۾ ڪيمرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي.پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته زينب جي وارثن کي انصاف جي فراهمي تائين هو سک سان نه ويهندا.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف معصوم نينگري زينب جي والد ۽ ڏکويل ڪٽنب سان ملاقات ڪئي ۽ سندس ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته ڏکوئيندڙ واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، توهان کي انصاف جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، انصاف ٿيندي نظر به ايندي، جڏهن ته انسانيت سوز واقعو سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳو مقام آهي. هن چيو ته معصوم ٻارڙي جي قتل تي هر اک آلي آهي، منهنجو فرض ۽ ذميواري آهي ته توهان کي فوري طور انصاف فراهم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جنهن وحشي صفت جوابدار زيادتي ۽ ظلم ڪيو اهو قانون موجب واقعي کان بچي نه سگهندو، توهان جي ڪٽنب کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ حڪومت توهان جي ڪٽنب سان گڏ آهي ۽ رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمرن سدائين جنگيون هارايون، سياستدانن ملڪ بچايو: خورشيد شاهه

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ايم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے