21 اتوار , اکتوبر 2018

رپورٽ : رپورٽ : ڪنب ۾ مين پرائمري اسڪول ۾ ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا

ڪنب جي مين پرائمري اسڪول ۾ سوين شاگرد پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا،

اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين وساڻ پڻ همدردي طور ٻارڙن سان گڏ پٽ تي ويهي رهيو……..

پيش آهي همت تمراڻيءَ جي هيءَ رپورٽ……………،

مين پرائمري اسڪول ڪنب ۾ فرنيچر سميت ٻين سمورين ضرورت جي اڻاٺ هجڻ ڪري ٻارڙا مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا ۽ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا،            سنڌ حڪومت جي لڳايل تعليمي ايمرجنسي بعد به ڪنب جي مين پرائمري اسڪول کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگهيو آهي،

سوين شاگرد پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته اي ڊي سي ون رياض حسين وساڻ مين پرائمري اسڪول جي وزٽ دوران معصوم ٻارڙن سان پٽ تي ويهي ساڻن همدرديءَ جو اظهار ڪيو ، ان موقعي تي هُن ڊي او تعليم کي پڻ ڇنڊ پٽي ۽ اسڪول ۾ ايمرجنسي طور فرنيچر پهچائڻ جي هدايت ڪئي،

ان موقعي تي اي ڊي سي ون رياض حسين وساڻ ڪنب ۾ تعليم جي واڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ۽ عوامي آواز ٽي سان پڻ ڳالهايو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے