13 جمعرات , دسمبر 2018

پهرئين پاڪستاني انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪراچي فلم سوسائٽي جي انتظام هيٺ ٿيندڙ پهريون پاڪستاني انٽرنيشنل فلم فيسٽيول هلندڙ سال 29 مارچ کان پهرين اپريل تائين ڪرايو ويندو. ان خبر جو اعلان ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيل هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. ڪي ايف ايس طرفان اڳوڻي سينٽر جاويد جبار مهمانن کي ان ڪانفرنس ۾ ڀلي ڪار چيو، ان دوران سندس چوڻ هو ته ڪراچي هڪ بهترين شهر آهي، هتي مختلف ثقافتن جا اهي سمورا رنگ موجود آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ شايد ٻيو ڪٿي به نه هجن، هتي سڀ ئي بي حد ٽيلنٽڊ آهن، ان ڪري ڪراچي ۾ اهو فيسٽيول ٿي رهيو آهي. ڪي ايف ايس جي صدر سلطانا صديقي ان موقعي تي چيو هو ته ڪي ايف ايس جا سمورا ميمبر بهترين آهن، اها سوسائٽي بڻائڻ جو مقصد نئين نسل کي فلم سازي جو هڪ پليٽ فارم ڏيڻ هو، جتان هو پنهنجي ڪم، نئين خيالن بابت سوچي سگھن ۽ پنهنجي اهميت بڻائي سگھن. سلطانا هن فيسٽيول کي ملندڙ سپورٽ تي سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ٻنهي جا ٿورا مڃيا، هن مريم اورنگزيب جو نالو وٺندي چيو ته سندس حوصلي افزائي سبب پاڪستان نيشنل ڪونسل آف دي آرٽس به هن يونٽ جا اهم پارٽنر بڻجي ويا. ايونٽ تي موجود فلمساز شرمين عبيد چناءِ چيو ته هن فيسٽيول سان گڏ رڳو پي آءِ ايف ايف لانچ نه ٿيندو پر عوام ڪراچي فلم سوسائٽي بابت به ڄاڻي سگھندا جنهن جي مدد سان فلمسازي ۾ بهتري آڻي سگھجي ٿي. ان موقعي تي ابرار الحسن هلندڙ سال 29 مارچ کان پهرين اپريل تائين ٿيندڙ هن فيسٽيول ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي حوالي سان پريزينٽيشن پڻ ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشا امباڻي جي شادي ۾ مشهور شخصيتن  چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ارب پتي واپاري مڪيش امباڻي جي ڌيءَ ايشا امباڻي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے