13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪرني سينا ”پدماوت“ کي ريليز جي اجازت ڏيڻ تي سنسر بورڊ جو گھيرو تنگ ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) انتها پسند هندو تنظيم شري راجپوت ڪرني سينا فلم “پدماوت” جي نمائش جي اجازت ڏيڻ تي ڀارتي سنسر بورڊ جي آفيس جو گھيرو تنگ ڪري ورتو. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم “پدماوتي” کي تڪرارن سبب ڪيترين ئي تبديلين باوجود انتها پسند فلم جي نمائش روڪڻ لاءِ سرگرم آهن. ڀارتي سنسر بورڊ فلم کي نالو تبديل ڪري “پدماوت” رکڻ ۽ 5 اهم تبديلين بعد نمائش جي اجازت ڏني هئي پر شري راجپوت ڪرني سينا ان جي نمائش روڪڻ لاءِ ڌمڪين ۽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪرني سينا جي مظاهرين فلم جي نمائش جي اجازت ڏيڻ تي ڀارتي فلم سنسر بورد جي آفيس جو گھيرو تنگ ڪيو ۽ اتي ڌرڻو ڏئي ڇڏيو. ڪرني سينا جي اڳواڻ جيون سنگهه الزام مڙهيو آهي ته فلم جو رڳو نالو تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ڪهاڻي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي جنهن خلاف سنسر بورڊ جي آفيس جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جيتوڻيڪ فلم جي نمائش تي ڪيترين ئي رياستن ۾ پابندي مڙهي وئي آهي پر سڄي ڀارت ۾ ان جي نمائش تي پابندي لڳائڻ گھرجي ٻي صورت ڪنهن به نقصان جي ذميوار حڪومت ئي هوندي. ٻئي طرف ممبئي پوليس ڪرني سينا جي گھيراءُ جي ڌمڪي بعد ئي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري ورتا هئا ان ڪري ڌرڻي جي ڪجهه ئي دير بعد مظاهرين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون جنهن سان مظاهرين مڇرجي ويا. پوليس ڪيترن مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ۾ ڪيترائي اڳواڻ پڻ شامل آهن. فلم “پدماوت” 25 جنوري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.ا

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشا امباڻي جي شادي ۾ مشهور شخصيتن  چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ارب پتي واپاري مڪيش امباڻي جي ڌيءَ ايشا امباڻي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے