17 پیر , دسمبر 2018

فيس بڪ جو نيوز فيڊ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن تبديلي ذريعي صارفن کي خبرون گھٽ ۽ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن طرفان شيئر ڪيل مواد وڌيڪ نظر ايندو. دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا ويب سائٽ فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ هڪ پيغام ۾ ٻُڌايو آهي ته ان کان اڳ ڪمپني جو مقصد اهڙين خبرن ۽ پيغامن کي نيوز فيڊ تي ڏيکارڻ هو جن کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو يا ماڻهو انهن تي تبصرو ڪندا هئا. تنهن هوندي، ڪمپني پنهنجو ڄاڻايل مقصد تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فيس بڪ اهو مواد صارفن کي ڏيکاريندو جيڪو ماڻهن لاءِ سماجي طور بامقصد هجي. زڪربرگ تسليم ڪيو آهي ته شروعاتي طور ٿي سگھي ٿو ته هن سان ماڻهن جي فيس بڪ تي مصروفيت ۾ گھٽتائي ٿي وڃي پر اها پاليسي ڊگھي عرصي طور بزنس ۽ صارفن لاءِ بهتر ٿابت ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ نئين فيچر واهپيدارن کي خوش ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) پيغام پهچائڻ واري سڀ کان وڏي موبائيل ايپليڪشن واٽس ايپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے