13 جمعرات , دسمبر 2018

پاڪستان ۾ سياست بدران نسوار وڪڻڻ گهرجي: نواب اسلم رئيساڻي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي ۽ هتي سياست بدران نسوار وڪڻڻ گهرجي ۽ نسوار جي ڪاروبار لاءِ ڪاڪا نسوار متعارف ڪرائي وڃي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي پنهنجي مزاحيا ڪردار ۽ سياسي لطيفن جي ڪري ميڊيا ۾ جاءِ بڻائڻ جو انتهائي ماهر آهي، ملڪي سياست تي سندس دلچسپ تبصرا هن جي اقتداري واري دور ۾ گهڻا مشهور ٿيا ۽ هاڻ طويل عرصي کان پوءِ اڳوڻو وڏو وزير هڪ ڀيرو ٻيهر منظر تي آيو آهي ۽ هن بلوچستان جي سياست تي انتهائي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. نواب اسلم رئيساڻي کان جڏهن صحافي سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ موجود سياست تي توهان ڇا چوندا؟ ان جي جواب ۾ اڳوڻي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ سياسي ڌماڪو ناهي ٿيو پر ڦٽاڪا پيا ڦاٽن، انهن ڦٽاڪن سان تبديلي نه ايندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياست  بدران نسوار وڪڻڻ وڌيڪ بهتر آهي ۽ ان ڪاروبار لاءِ فوري طور تي ڪاڪا نسوار برانڊ متعارف ڪرايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے