17 پیر , دسمبر 2018

فاٽا معاملو سنجيدگي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، عبدالقادر بلوچ کي خدشن بابت آگاهه ڪيو: فضل الرحمان

لاهور(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان فاٽا معاملو سنجيدگي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا جڏهن ته اسان وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ کي به پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فاٽا وارو معاملو قومي اسيمبلي جي ايجنڊي مان ڪڍڻ تي هنگامو ٿيو، اسپيڪر کي ڪهڙي جلدي هئي جو هن ووٽنگ جي ڳالهه ڪئي؟ ۽ وزير اعظم يقين ڏياريو ته فاٽا جو معاملو روڪيو ويو آهي ۽ رواج ايڪٽ تي به ڪاررائي معطل رهندي جڏهن ته اسان به ان معاملي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته فاٽا معاملي تي وزير اعظم ۽ عبدالقادر بلوچ ملاقات ڪئي اسان دٻاءُ ناهي وڌو، ملاقات عبدالقادر بلوچ پاڻ ڪئي جڏهن ته عبدالقادر بلوچ کي پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هن وقت فيصلا پارليمان ۾ ناهن ٿي رهيا: شازيا مري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته راجا بشارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے