17 پیر , دسمبر 2018

قومي سلامتي بابت آگاهه آهيون، هتي دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ناهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان جي زمين تي دهشتگردن جا ڪي به محفوظ يا خاص ٿاڪ ناهن، رياست قومي سلامتي بابت چيلنجن بابت پاڻ آگاهه آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر  طرفان جاري بيان موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪورس 2018ع جي گريجوئيشن تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، هن ڪورس مڪمل ڪندڙن کي واڌايون ڏنيون، هن سول سروسز ۽ هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۾ ايوارڊ به ورهايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف موثر ڪارروائين جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي ڪارروائين ڪرڻ واري صلاحيت کي گهڻي حد تائين گهٽايو ويو آهي. دهشتگردن خلاف ” آپريشن رد الفساد“ معاشري کي انتهاپسندن جي ” سليپرز سيلز“ ۽ همدردن کان صاف ڪرڻ لاءِ جاري آهي. رياست قومي مقصد حاصل ڪرڻ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي سيڪيورٽي کي نکارڻ ۾ اين ڊي يو جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، پاڪ فوج جا آفيسر ملڪ کي پيش آيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هن وقت فيصلا پارليمان ۾ ناهن ٿي رهيا: شازيا مري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته راجا بشارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے