11 منگل , دسمبر 2018

قصور واقعي جي پهرين ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار جو چوڻ آهي ته زينب جي قتل ۾ رياست کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته قصور واقعي جي پهرين ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. تفصيل موجب فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قصور ۾ هڪ سال دوران 12 واقعا رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته اهڙا هزارين واقعا ته رپورٽ ئي ناهن ٿيندا پر زينب جي قتل ۾ رياست کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهي ڇو ته قصور واقعي جي پهرين ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. احتياط علاج کان بهتر آهي، اسان سڀ پنهنجي بي حسي کي پاڻ تماشو بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته اسان کي اهڙن ذهنن کي پالڻ وارن کي روڪڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين کي زيرو ٽالرنس جي پاليسي اڳتي کڻي اچڻي پوندي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته اڳتي اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ڦهلائڻي پوندي، پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي تعليمي نصاب ۾ به تبديليون ڪرڻيون پونديون جڏهن ته اسان زينب ڪيس ۾ آئيني ۽ قانوني ماهرن سان رابطو ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے