17 پیر , دسمبر 2018

ڀارت ڪرڪيٽ تي سياست پيو ڪري: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ آءِ سي سي کي سيڪيورٽي ڪمپني جون خدمتون حاصل لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، اميد ته بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون ايندڙ سال پاڪستان اينديون. هڪ انٽرويو ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جون 3 ميچون پاڪستان ۾ ڪرائي رهيا آهيون، جن لاءِ 40 کان 50 رانديگر پاڪستان ايندا. پاڪ – ڀارت سيريز جي حوالي سان نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي سياست جي ور نٿو چاڙهڻ چاهي ۽ ڀارت سان ڪنهن به هنڌ کيڏڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ اسان ڪو شرط به نٿا رکون پر بدقسمتي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ سيريز کي سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حفيظ کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ۾ مداحن جي گهٽ انگ پريشان ڪري ڇڏيو، داخلا مفت ڪرڻ جي درخواست

ملتان ( اسپورٽس نيوز ) اسٽار آل رائونڊر محمد حفيظ پي سي بي کي قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے