18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڪراچيءَ ۾قصور واقعي خلاف پ پ عورت ونگ ۽ اداڪارن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ، سول سوسائٽي ۽ شوبز سان تعلق رکندڙ ادارن ۽ اداڪارائن قصور واقعي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. ه ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪالهه جمعي ڏينهن پيپلز پارٽي ليديز ونگ طرفان قصور واقعي خلاف وقار مهدي، ايم پي اي سعيد غني ۽ راشد رباني جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ شريڪ عورتن قصور واقعي خلاف زوردار نعري بازي ڪئي. ٻي پاسي سنڌ اسيمبلي ويجهو ڪبوتر چوڪ وٽ سول سوسائٽي طرفان قصور ۽ ابراهيم حيدري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ فنڪار پڻ شريڪ هئا، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ ڏني وڃي، جڏهن ته وڏي وزير جي صلاحڪار ارم خالد ۽ ايم پي اي سهراب سرڪي احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي کين چيو ته هو وڏي وزير سان ملاقات لاءِ درخواست ڏين ته وقت ملڻ تي ملاقات ڪرائي ويندي. احتجاج ڪندڙن چيو ته قصور ۽ ابراهيم حيدري واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي، اهڙن درندده صفت ماڻهن کي هن سماج ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي، مستقبل ۾ ان قسم جا واقعا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، حڪومت کي ان سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ گهرجن.هوڏانهن سنڌ اسيمبلي آڏو ٽي وي ۽ فلمي دنيا سان تعلق رکندڙ اداڪارن فيصل قريشي، عائشه، ناديا حسين ۽ ٻين قصور واقعي خلاف احتجاج ڪيو.سنڌ  اسيمبلي بلڊنگ آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته قصور واقعي تي پورو ملڪ غم ۾ ٻڏل آهي، ان ڪري اسان ٻه ٻاهر نڪتا آهيون، سرڪار کي گهرجي ته اهڙي سخت قانون سازي ڪري جيئن اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي، هنن چيو ته اداڪار ٻارن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائڻ ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهن ان ڪري حڪومت کي به عملي قدم کڻڻ گهرجن، ميڊيا به سندن ساٿ ڏئي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے