17 بدھ , اکتوبر 2018

قصور: زيادتي جي 8 واقعن ۾ هڪ ڄڻو ملوث، ابراهيم حيدري ۾ به ٻارڙي سان ڏاڍائي ڪوشش، احتجاج، چوڪيدار گرفتار

لاهور/قصور (م ڊ) قصور ۾ 8 ٻارڙن سان زيادتين جو جوابدار هڪ هجڻ جو انڪشاف، لاهور هاءِ ڪورٽ واقعي جا جوابدار 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنجاب سرڪار جوابدار جي ويجهو پهچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.قصور ۾ ٻارڙيءَ زينب سان لڄالٽ واقعي خلاف ڪالهه به ڇڪتاڻ رهي. شهري ڪاروباري مرڪز ۽ اسڪول بند رهيا، مڇريل ماڻهن مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيا. ڪيترن ئي هنڌن تي ڀڃ ڊاهه جاري رهي. آءِ جي پنجاب عارف نواز ميڊيا کي ٻڌايو ته زيادتي بعد قتل جي واقعن ۾ 277 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، جن مان 67 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي پر هڪ شخص جا به ڊي اين اي نه مليا، جڏهن ته زينب کان پهريان 7 ڪيسن ۾ ورتل ڊي اين اي مان هي ڳالهه ثابت ٿي ته هي ڏوهه هڪ ئي ماڻهو ڪيو آهي. پنجاب حڪومت معصوم زينب جي قاتل جي نشاندهي ڪندڙ لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب قصور ۾ ننڍڙي زينب جي قاتل جي نشاندهي ڪندڙ لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته نشاندهي ڪندڙ جو نالو به راز ۾ رکيو ويندو. ٻئي پاسي احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن شهرين جي وارثن کي 30-30 لک رپيا امداد ۽ ٻنهي جي خاندان مان هڪ هڪ فرد کي سرڪاري نوڪري ڏني ويندي. زينب قتل ڪيس ۾ بڻايل جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪري ڊي آءِ جي محمد ادريس کي جي آءِ ٽي جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل ننڍڙي زينب جي والد جي اعتراض تي واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ابو بڪر خدا بخش جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي هئي تنهن هوندي اڄ جي آءِ ٽي ۾ محمد ادريس کي نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 36 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس منصور علي خان قصور واقعي جي جوابدار جي عدم گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فوري طور آءِ جي پنجاب کي عدالت ۾ طلب ڪيو. آءِ جي پنجاب عارف نواز عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌو آهي ته واقعي کان اڳ ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پهريان ڪيس ڪٿي آهن، عدالت ۾ ته پيش نه ٿيا آهن، توهان وٽ اهڙن ڪيسن جا تفصيل آهن.  چيف جسٽس چيو ته اهڙي واقعي ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي،پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته زينب قتل ڪيس جي جاچ دوران ڪڙين جي بنياد تي چئي سگهون ٿا ته اسان جوابدار جي ويجهو آهيون ۽ جلد کيس انجام تائين پهچايو ويندو، قصور ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد خان چيو ته هڪ ئي علائقي ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، اسان کي احساس آهي ته عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي ۽ سندن ڏک جو ازالو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن کي مظاهرين تي فائرنگ نه ڪرڻ گهرجي ها، واقعي تي وڏي وزير فوري طور نوٽيس ورتو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ جاري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جوابدار جي ويجهو پهچي چڪاآهيون، جلد کيس انجام تائين پهچايو ويندو، 24 ڪلاڪن دوران جاچ بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.033041

ڪراچي/ملير/ڪورنگي (رپورٽ: وقار شر+جميل چانڊيو+الله بخش سومرو) ابراهيم حيدري جي خانگي اسڪول جي چئن سالن جي شاگردياڻي سان چوڪيدار جي مبينا لڄا لٽ جي ڪوشش، مائٽن کي شڪايت ڪرڻ تي ڳوٺاڻن طرفان اسڪول جو گهيراءُ، اسڪول انتظاميه چوڪيدار کي پناهه ڏئي ورتي. مڇريل ماڻهن طرفان اسڪول ۾ ٽوڙ ڦوڙ، ڇڪتاڻ سبب وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار پهچي ويا، چوڪيدار گرفتار، وزير اعليٰ ۽ آءِ جي سنڌ طرفان واقعي جو نوٽيس، سيڪريٽري تعليم اسڪول ۽ واقعي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي. منهنجون 2 نياڻيون اسڪول ۾ پڙهن ٿيون، وڏي نياڻي اسڪول بعد گهر پهچي واقعي جا تفصيل ٻڌايا ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، ڏوهاري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. متاثره ابراهيم حيدري جي خانگي ايم ايف گرامر اسڪول ۾ چئن سالن جي شاگردياڻي امِ عماره ڌيءُ عامر سان اسڪول جي چوڪيدار عيدن عرف عيدو طرفان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نينگري گهر پهچي پنهنجي گهر ڀاتين کي قصو ٻڌايو. جنهن بعد ڇوڪري جي والد عامر، سندس والده ۽ ڪجهه پاڙي وارن اسڪول پهچي اسڪول جي پرنسپل مس تانيه کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جنهن تي پرنسپل والدين جي ڳالهه ٻڌڻ بدران مٿن ڪاوڙجي پئي ۽ کين اسڪول مان واپس وڃڻ لاءِ چيو جنهن بعد صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ابراهيم حيدري سميت سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ واقعو باهه وانگر پکڙجي ويو ۽ سوين ماڻهن اسڪول اڳيان گڏ ٿي گهيراءُ ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، اسڪول جي انتظاميه چوڪيدار کي اسڪول جي ڪمري ۾ بند ڪري ورتو. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا پهچي ويا، جن مڇريل ماڻهن کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ڪائونسلر فاطما مجيد فوري طور اسڪول پهتي انتظاميه سان ملاقات ڪرڻ بعد متاثر ٿيل نينگري جي والدين سان ملي، ان موقعي تي نينگري جي والد عامر ۽ والده ٻڌايو ته ڄاڻايل چوڪيدار اسان جي نينگري امِ عماره سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي آهي. نينگري اچڻ بعد خاموش رهي. خوف سبب بيمار ٿي پئي. جنهن کي اسپتال ۾ ڏيکاريوسين ڇوڪري جي امڙ ٻڌايو ته جڏهن هن ڇوڪري کان پڇا ڪئي ته هن روئيندي ٻڌايو ته اسڪول جو چوڪيدار ساڻس بدتميزي ڪئي آهي. اهڙي تصديق کانپوءِ جڏهن اسڪول پرنسپل تانيه سان رابطو ڪيو ويو ته هن واقعي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو واقعو اسڪول خلاف سازش آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ به اسڪول پهتو ۽ صورتحال ايتري ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جو اسڪول انتظاميه چوڪيدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن کي ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري وڌيڪ تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي. چوڪيدار عيدن عرف عيدو متعلق معلوم ٿيو آهي ته هو ڏينهن جو رڪشو هلائي ٿو شام جو رڪشو اسڪول ۾ بيهاري اسڪول جي چوڪيداري ڪري ٿو. واقعي واري ڏينهن هو رڪشو هلائڻ بدران صبح جو ئي اسڪول ۾ آيو ۽ امِ عماره ۽ سندس ٻي ننڍڙي ڀيڻ کي وٺي ڪمري ۾ ويو جتي چيو وڃي ٿو ته هن نينگرين سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ۽ فوري طور واپس رڪشو کڻي هليو ويو. هوڏانهن واقعي متعلق سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور واقعي متعلق تفصيلي رپورٽ پيش ڪري. جڏهن ته تعليم واري سيڪريٽري اسڪول پهچي واقعي جي تحقيقات ڪئي ۽ اهڙي رپورٽ سنڌ حڪومت کي اڄ جمع ڪرائي ويندي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے