12 بدھ , دسمبر 2018

مسئلن جو اعتراف ڪيان ٿو، سياسي يتيمن ۽ پيٽ پرستن سنڌ کي ڇا ڏنو آهي: بلاول

سيوهڻ/ڀان سيدآباد(رپورٽ خالد ميمڻ+آدم مينگل) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سيوهڻ انسانيت لاءِ پناهگاهه آهي ۽ سڄي دنيا مان بنا مدڀيت جي عقيدتمند هتي اچي دل جو سڪون حاصل ڪن ٿا، ۽ اڄ سيوهڻ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي آن لائن يونٽ جي افتتاح ڪري دلين کي ڳنڍڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، شهباز آڊيٽوريم ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي محدود مالي وسيلن هجڻ جي باوجود سنڌ اندر صحت جون جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ سنڌ جي چئن مختلف شهرن ۾ دل جون جديد اسپتالون قائم ڪرائڻ سان گڏ پاڪستان ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ پهريون جديد سائبر نائيف جون سهولتون فراهم ڪيون جن تي اڳم هڪ آپريشن تي 70 لک روپيا خرچ ٿيندو هيو جيڪو هاڻي مفت ۾ ڪيو ٿو وڃي ان کان علاوه گمبٽ ۾ ليور پلانٽيشن جون سهولتون جرمني جي ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ قائم ڪيون ويون آهن سجاول ۽ ٺٽي ۾ فري ايمبولينس سروس قائم ڪرڻ سان گڏ بدين ۾ انڊس هاسپيٽل جي تعاون سان 300 بسترن جي اسپتال ۽ ٿيليسيميا سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏ ڪراچي ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ٽراما سينٽر قائم ڪيو آهي ان موقعي تي بلاول ڀٽو جو چوڻ هيو ته اسان جا مخالف سنڌ ۾ 3 اڳوڻا وڏا وزير ۽ ڪيترائي صوبائي وزير ٻڌائين ته هنن پنهنجي دور ۾ ڇا ڪيو ان موقعي تي بلاول ڀٽو دعوى ڪئي ته سنڌ روڊ رستن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي صرف پيپلز پارٽي ئي قائم ڪيو آهي بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هيو ته عوام پاڻ فيصلو ڪري ته اسان ئي ڏنل صحت تعليم ۽ يونين ڪائونسل ليول تي پاورٽي ڊڊيڪشن پروگرام شروع ڪري غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ضروري آهي يا ميٽرو بس ۽ وڻ لڳائڻ اهو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي.  سياسي يتيمن ۽ قومپرستن سنڌ کي ڇا ڏنو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 2011 ۾ جڏهن اين آءِ سي وي ڊي ادارو وفاق پاران اسانجي حوالي ڪيو ويو ته ان جي بجيٽ 900 ملين سالانه هئي جنهن کي اسان وڌائي 5 ارب 30 ڪروڙ سالانه تي پڄايو آهي ۽ هينئر سيوهڻ، ٽنڊو محمدخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ انجيو پلاسٽي ۽ انجيو گرافي جون سهولتون مفت فراهم ڪيو پيون وڃن جڏهن ته جلد سکر ۾ پڻ اين آءِ سي وي ڊي جو ادارو جلد ڪم شروع ڪندو وڏي وزير جو چوڻ هو ته انهن ڪينسر جي علاج لاءِ جناح اسپتال ڪراچي ۾ ليزر نائيف وارو جديد علاج جو سرشتو قائم ڪيو. ايس آءِ يو ٽي پاران ڪراچي ۽ سکر ۾ اڳئي گردي جي پٿري ۽ گردي جي ٽرانس پلانٽيشن جا ادارا هلندڙ آهن ۽ جلد لاڙڪاڻي ۾ اهڙو مرڪز قائم ڪيو ويندو جتان نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ جي عوام کي صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ اندر مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مڪمل ضابطي هيٺ آهي سال 2017 تي مردود ماڻهن پاران درگاهه قلندر لال شهباز تي بم ڌماڪو ڪري جيڪا دهشتگردي ڪئي انهن ماڻهن کي پڻ پنهنجي ڪيفرڪردار تائين پهچايو ويو آهي ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سيوهڻ سانحي بعد ٿيڻ ته ائين کپندو ته دهشتگردن خلاف متحد ٿي جدوجهد ڪجي ها پر ڪجهه موقعا پرستن انکي دهشتگردن خلاف استعمال ڪرڻ بدران سيوهڻ اسپتال ۾ علاج جي سهولت نه هجڻ جو اشو بڻايو جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي وڏي وزير جو چوڻ هو ته زندگي ۽ موت خدا جي هٿ ۾ آهي پر انجي باوجود ڌماڪي بعد سيوهڻ اسپتال انتظاميا ۽ قلندر جي نگري جي نوجوانن جو ڪردار تعريف لائق آهي جن موقعي تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچايون. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي دعوت تي سندس ڳوٺ واهڙ پهچي سي ايم هائوس واهڙ ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه طرفان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو آهي، بلاول ڀٽوزرداري ڪراچي کان نجي جهاز ذريعي شهباز ايئرپورٽ بوبڪ پھتو جتي پ پ ڪارڪن سندس شاندار استقبال ڪيو ان موقعي تي ساڻس  صوبائي وزير اطلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ليبر سيد ناصر حسين شاهه صوبائي وزير صحت سڪندر منڌرو ،خاص معاون براءِ اوقاف غلام شاهه جيلاني ، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ,ايم پي اي گيانچند ايسراڻي،ناليوارو اينڪرپرسن حامد مير ، وسيم بادامي ،نذير لغاري ، مجاهد بريلوي.سردار سڪندر علي راھپوٽو.سيد محمد شاھ.  ۽ ٻيا  به موجود هئا ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار شريف تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزير پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سيوهڻ ڌماڪي  جي واقعي بابت آاهي ۽ بحالي جي ڪمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. 3304

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے