17 بدھ , اکتوبر 2018

شاهه زيب قتل ڪيس: شاهه رخ جتوئي سميت ٻين جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري شاهه زيب قتل ڪيس ۾ سول سوسائٽي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ شاهه زيب قتل ڪيس خلاف سول سوسائٽي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شاهه رخ جتوئي سميت ٻين جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته فوري طور فون ڪري گهرو وزارت کي ٻڌايو وڃي ته سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن ۽ سمورن هوائي اڏن کي هدايت ناما جاري ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي پنج پنج لک رپيه جي ضمانت جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه جتوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ لاشاري جوابدار طور نامزد آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے