24 بدھ , اکتوبر 2018

عام چونڊن ۾عوام جنهن کي مئنڊيٽ ڏيندو تنهن جي حڪومت هوندي: وزيراعظم

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام جو فيصلو اکين تي هوندو، جنهن کي مئنڊيٽ ملندو تنهن جي حڪومت هوندي. پشاور ۾ نيشنل انڪيو بيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن کي جڏهن حڪومت ملي ته حڪومت ڪرپشن سبب پوئتي رهجي ويو هو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر ڪم ڪرڻ سان ايندو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان تنقيد ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ ڄاڻون ٿا، ڪم ڪنداسين ته اڳتي وڌنداسين نه ته گهر وينداسين پر جمهوريت جو سفر ملڪ ۾ هلندو رهندو، جمهوريت جي سفر ۾ اڄ کان چار پنج مهينن بعد عوام جو فيصلو اکين تي هوندو، ايندڙ چونڊن ۾ عوام جنهن کي مئنڊيٽ ڏيندو تنهن جي ئي حڪومت هوندي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن حڪومت ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اسان هزارين ميل ڊگها موٽرويز تيار ڪيا پر حڪومت هر مسئلي جو حل نه ٿي ڪڍي سگهي پر هر مسئلي جي حل لاءِ مددگار جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته دنيا تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي اسان کي ٽيڪنالوجي طرف وڃڻو آهي، نوجوانن جي روزگار جو مسئلو آءِ جي شعبي ۾ انقلاب سان ئي حل ٿيندو. هن چيو ته براڊ بينڊ سهولت جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جي حڪومت ٿري ۽ فور جي جا لائسنس شفاف نموني ڏنا، اميد آهي ته هي ادارو آءِ ٽي سميت ٻين ادارن لاءِ اهم ثابت ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے